سکر

بندر وال جي رهواسين کي جلد کان جلد منتقل ڪرڻ لاءِ 3 سائيٽس کي منتخب ڪيو ويو آھي: عبدالسبحان ميمڻ

Chief Secretary
سکر: چيف سيڪريٽري سنڌ عبدالسبحان ميمڻ آبپاشي جي عملدارن ۽ ٻين واسطيدار آفيسرن سان سرڪٽ هائوس سکر ۾ هڪ اجلاس منعقد ڪيو گڏجاڻي دوران چيف انجنئر سکر ۽ گڊو بيراج ٻنهي بيراجن ۾ موجود وهڪري ۽ آبپاشي سرشتي ، ڪينالن ۾ پاڻي جي گنجائش ۽ بندن تي جاري مرمت ۽ ٻيهر بحالي جي ڪم متعلق تفصيلي ڄاڻ ڏني. هن موقعي تي چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته بندر وال جي رهواسين کي جلد کان جلد منتقل ڪرڻ لاءِ 3 سائيٽس کي منتخب ڪيو ويو آهن جنهن تي 2000 فليٽ ٺهرائي ڏنا ويندا ۽ بعد ۾ هن جند پير، زيرو پوائينٽ وٽ بندر وال جي هلندڙ ڪم جو معائنو ڪيو جتي هن کي چيف انجنيئر سکر بيراج آغا اعجاز بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته بندر وال جي ڪم جي ڊيگهه 17 هزار فٽ آهي جنهن کي 14 فٽ مٿي ڪيو ويندو ۽ ڪريڪس کي ڀرڻ جي لاءِ آرسي سي جي شيٽ ڏني ويندي ته جيئن بندر وال جي ڳريل پٿر ۽ گيپس کي فل ڪري مضبوط ڪري سگهجي. جنهن تي 12 ڪروڙ روپيه خرچ جو تخمينو آهي هن وقت تائين 80 لک خرچ ٿي چڪو آهي صرف ٻن ميلن تي مسئلا آهن ۽ هڪ ميل تي ڪم جاري آهي. چيف سيڪريٽري، چيف انجينئر کي ڪم جي معيار کي بهتر ۽ رفتار کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي دوري دوران چيف سيڪريٽري واٽر ٽريٽ مينٽ پلانٽ سکر جو پڻ اچانڪ دورو ڪيو جتي موجود عملدار چيف سيڪريٽري کي پاڻي کي صاف ڪرڻ ۽ ان کي مختلف مرحلن مان گذاري صاف ڪرڻ جي عمل متعلق آگاهي ڏني جنهن تي چيف سيڪريٽري هن جي تعريف ڪندي ان کي انعام ڏيڻ جي سفارش ڪئي. بعد ۾ هن بندر وال جي رهواسين جي لاءِ گهر تعمير ڪرڻ وارين سائيٽس جو پڻ دورو ڪيو بعد ۾ چيف سيڪريٽري سکر ٽيچنگ اسپتال جو پڻ اچانڪ دورو ڪيو ۽ مريضن جي پڻ عيادت ڪئي، هن مريضن کان دوا، کاڌ خوراڪ، ۽ علاج متعلق معلومات حاصل ڪئي ۽ ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽرن کي مريضن تي خاص توجه ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۾ برن وارڊ، ٿيليسيما وارڊ جي تعمير لاءِ قدم کنيا ويندا ۽ ايمبولنس جي فراهمي کي پڻ يقيني بنايو ويندو ۽ غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي بلڊنگ جي تعمير ۾ درپيش مشڪلاتن جي خاتمي لاءَ قدم کنيا ويندا ۽ هن ٻڌايو ته هڪ ٽيڪنيڪل ٽيم سکر موڪلي ويندي جيڪا مختلف ترقياتي اسڪيمن متعلق جائزو وٺندي آخر ۾ چيف سيڪريٽري سکر فائر برگيڊ اسٽيشن جو پڻ دورو ڪيو جتي هن فائر برگيڊ گاڏين جي آپريشنل ڪنڊيشن ۽ سکر جي مختلف علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي متعلق واسطيدار ٽي ايم او کان ڄاڻ ورتي. ان موقعي تي گهوٽڪي جي هڪ معذور شخص چيف سيڪريٽري کي سرڪاري نوڪري لاءِ گذارش ڪئي جنهن تي هن فورن ڊي سي او گهوٽڪي کي معذور کي نوڪري ڏيڻ جي سفارش ڪئي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button