دادو

ايم اين وي ڊرين تي سست رفتاري تي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر آر بي او ڊي کان سخت پڇاڻو.مقرر وقت ۾ مرمتي ڪم مڪمل نه ڪيو ويو ته عملدارن خلاف سخت قانوني قدم کنيا ويندا.چيف سيڪريٽري سنڌ

Chief Secretary Sindh
چيف سيڪريٽري عبدالسبحان ميمڻ ايف پي بند ،سپريو بند،ايم اين وي ڊرين ۽ حمل ريگيوليٽر تي جاري مرمتي ڪم جو معائنو ڪيو.

دادو .چيف سيڪريٽري سنڌ عبدالسبحان ميمڻ گذريل ٻوڏ ۾ متاثر ٿيل حمل ريگيوليٽر ،ايف پي بند،سپريو بند۽ ايم اين وي ڊرين تي هلندڙ مرمتي ڪم جو معائنو ڪيو .ان موقعي تي سيڪريٽري آبپاشي خالد حيدر ميمڻ،ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينشن آفيسر دادو ڊاڪٽر نياز علي عباسي،چيف انجنيئر رائٽ بينڪ ريجن لاڙڪاڻو محمد هارون ميمڻ ،سپرينٽڊنٽ انجنيئر عبدالرحمان نظاماڻي ،ايگزيڪيوٽوانجنيئر آبپاشي دادو حبيب الله ڪابورو،پروجيڪٽ ڊائريڪٽر آربي او ڊي رياض مغل پڻ موجود هئا.چيف سيڪريٽري سنڌ عبدالسبحان ميمڻ عملدارن کي سختي سان هدايت ڪئي ته مرمتي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي.جڏهن ته معيار تي ڌيان ڏنو وڃي. چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته 30 مئي تائين مرمتي ڪم مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن ايندڙ مون سون ۾ امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏئي سگهجي.هن چيو ته بندن جي مرمتي ڪم ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ڪئي وئي ته عملدارن خلاف سخت قانوني قدم کنيا ويندا. چيف سيڪريٽري سنڌ ايم اين وي ڊرين جي مرمتي ڪم ۾ سست رفتاري تي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر آربي اوڊي کان سخت پڇاڻو ڪندي هدايت ڪئي ايم اين وي ڊرين جي ڪري دادو ضلعي ۾ وڏي تباهي آئي جڏهن ته مرمتي ڪم سست رفتاري جو شڪار آهي.مرمتي ڪم تيز ڪيو وڃي.چيف سيڪريٽري سنڌ کي بريفنگ ڏيندي آبپاشي انجنيئر دادو حبيب الله ڪابوري ٻڌايو ته ايف پي بند ۾ 3 ۽ سپريو بند کي هڪ گهارو پيو هو .مرمتي ڪم 95 سيڪڙو مڪمل ڪيو ويو آهي جڏهن ته مون سون کان اڳ بندن جو مرمتي ڪم مڪمل ٿي ويندو.بعد ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ منڇر ڍنڍ پهتو.ان موقعي بريفنگ ڏيندي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر کيس بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته منڇر جي پاڻي کي استعمال جي لائق بڻائڻ لاءِ 12 ٽريٽمينٽ پلانت لڳايا پيا وڃن جنهن جي جي ڪري 50 هزار کان وڌيڪ آبادي کي پيئڻ جو پاڻي ميسر ٿيندو جڏهن ته مهاڻن لاءِ روزگار جا پڻ دروازا کلي ويندا.هن وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ ٽريٽمينٽ پلانٽ نصب ٿي چڪو آهي جڏهن ته 11ٽريٽمينٽ پلانٽ جلد لڳايا ويندا.

 

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button