اليڪشن ڪميشن جي جوڙجڪ يا پارليامينٽ ميمبرن جي نااهلي؟ سپريم ڪورٽ جو چتاءُ
اسلام آباد:سپريم ڪورٽ الڪيشن ڪميشن جي جوڙجڪ لاءِ حڪومت کي ٽن هفتن جي مهلت ڏيندي چيو آهي ته حڪومت فيصلو ڪري نه ته عدالت ضمني چونڊن جي نتيجن کي رد ڪري ڇڏيندي، آئيني بحران کان بچڻ جي لاءِ اسان سان تعاون ڪيو وڃي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ عمران خان جي ووٽر لسٽن جي حوالي سان ٻڌڻي ڪئي آهي. چيف جسٽس اٽارني جنرل کي چيو ته توهان غلط ڪم ڪري رهيا آهيو، الڪيشن ڪميشن جي جوڙجڪ ڇو نه ٿا ڪريو؟ اسان ضمني چونڊن جي خلاف آرڊر جاري ڪري ڇڏينداسين پوءِ حڪومت جي لاءِ مٿي جو سور بنجي ويندو، آخر حڪومت جو اليڪشن ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ جي حوالي سان موقف ڪهڙو آهي، اها آئيني تقاضا آهي، ڪورٽ جو ڪم آئين کان انحرافي ناهي، اسان توهان کي وقت انهي جي ڪري ٿا ڏيون جئين حڪومت نئين آئني بحران کان بچي وڃي، آخر آئين ۾ ترميم ڪئي وئي آهي انهي جي پويان وڏي دانش هوندي آهي، اسان جيڪڏهن ضمني چونڊن وارا نوٽفيڪشن رد ڪيون ته خبر آهي ته ڪهڙا نتيجا نڪرندا، اسان آئين سان گڏ آهيون اهي نوٽفڪيشن رد به ڪري ڇڏينداسين، جسٽس رباني چيو ته اٽارني جنرل اهو ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن جي حوالي سان آرٽيڪل 219 بي تي عمل ڪري رهي آهي يا نه ؟چيف جسٽس چيو ته سڀاڻي اسان ميمبرن کي معطل ڪيو ته بجيٽ سميت ٻيا ڪم ڪار رلي ويندا، انهي جا نتيجا به خراب نڪرندا، آئين جي موجودگي ۾ توهان هيڏانهن هوڏانهن ڇو ٿا ڏسو؟ خدا جي واسطي اسان سان تعاون ڪريو،ٻي صورت ۾ اسان وٽ ارڙهين ترميم کان پوءِ ڪامياب ٿيل اميدوارن جي ڪاميابي جا نوٽفيڪشن معطل ڪرڻ کان سواءِ ڪو آپشن ڪونهي،حڪومت الڪيشن ڪميشن جي جوڙجڪ کي به ذاتي مسئلو بنائي ڇڏيو آهي، ملڪ اندر جمهوري سسٽم آهي اسيمبلين ۾ توهان ويٺا آهيو، جيڪڏهن اسان معاملي کي جئين جو تئين ڇڏيون ٿا ته سڀاڻي ڪو به ماڻهو اهو چئي سگهي ٿو ته هي چونڊيل ماڻهو آئين موجب ناهن، جسٽس سائر علي چيو ته حڪومت سمورو ڪم اليڪشن ڪميشن تي ڇڏيو آهي پر ڇا حڪومت کي اها خبر ناهي ته اليڪشن ڪميشن جي جوڙجڪ مڪمل ناهي ٿيل، اٽارني جنرل چيو آهي ته نئين ترميم بعد جوڙجڪ جو طريقيڪار تبديل ٿيل آهي اڳ ۾ صدر نالا فائنل ڪندو هو هاڻي هڪ ڪميٽي کي چار نالا فائنل ڪرڻا آهن، اپوزيشن ليڊر کي وزيراعظم نالا ڏنا آهن،جنهن تي جسٽس سائر علي چيو ته طريقيڪار جي اسان کي خبر آهي پر ڏسڻو آهي ته الڪيشن ڪميشن جي جُوڙجڪ آئيني آهي يا نه ؟اٽارني جنرل ٻڌائي ته بنا الڪيشن ڪميشن جي چونڊون آئيني آهن يا نه ؟انهي جو جواب ها يا نه ۾ ڏيو، جيڪڏهن آئين سان محبت آهي ته نه چوندا جيڪڏهن ”هنن “ سان محبت آهي ته ها چوندا، چيف جسٽس چيو ته ڪلير ٻڌايو ته بنا الڪيشن ڪميشن ضمني چونڊون آئيني آهن يا غير آئيني آهن؟ ڇا سپريم ڪورٽ يا هائيڪورٽ جو جج ويهي اليڪشن ڪرائي سگهي ٿو، يا ڪو عام ماڻهو ويهي چونڊ ڪرائي سگهي ٿو، ڪجھ دليري پيدا ڪيو، 62 سالن سان آئين کان منهن موڙيندا رهيا آهيون اسان ڇا حاصل ڪيو آهي؟جيڪي نيتجا نڪتا سي سڀني سامهون آهن، جسٽس سائر علي سوال ڪيو ته ارڙهين ترميم کان پوءِ رڳو چيف اليڪشن ڪمشنر چونڊ ڪرائي سگهي ٿو؟ انهي تي اٽارني جنرل چيو ته رڳو چيف اليڪشن ڪمشنر چونڊ نه ٿو ڪرائي سگهي، جنهن تي جسٽس سائر علي چيو ته پوءِ انهي سوال جو جواب ڏيو ته جيڪي ضمني چونڊون ٿيون آهن اهي آئيني آهن يا غير آئيني؟ جسٽس رباني چيو ته الڪيشن ڪميشن جي بنا ته ووٽر لسٽون به نه ٿيون ٺهي سگهن چونڊون ته ٻي ڳالهه آهي، نواز ليگ جي ڪجھ ميمبرن طرفان نصير ڀٽه عدالت کي استدعا ڪئي الڪيشن ڪميشن جي جوڙجڪ بنا چونڊ نٿي ٿي سگهي پر اهو پهريون ڪيس آهي انهي جي ڪري انهي ۾ حڪومت کي ڪجھ ڍر ڏي انهي تي هلڪو هٿ رکيو وڃي،جنهن تي چيف جسٽس چيو ته معاملي کي درگذر ڪرڻ معني نظريه ضرورت کي جئيرو ڪرڻ آهي آئين سان انحرافي توهان ڪري سگهو ٿا اسان کان نه ٿيندي، سمورو گندلڪائي نه ٿا سگهون، اهڙي صورت ۾ ته الڪيشن ڪميشن کي ضمني چونڊون ڪرائڻ ئي نه گھرجن ها، انهي بعد عدالت پنهنجي آرڊر ۾ چيو آهي ته حڪومت ٽن هفتن دوران الڪيشن ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ وارو معاملو حل ڪري عدالت وٽ اهو اختيار آهي ته انهي معاملي تي حتمي فيصلو ڪري پر جئين ته جمهوري سسٽم هلندڙ آهي انهي جي ڪري عدالت في الوقت صبر جو مظاهرو ڪري رهي آهي، ، ضمني چونڊن وارو معاملو تڪراري آهي انهي کي حل ڪيو وڃي جيڪڏهن انهي کي حڪومت حل نه ڪيو ته عدالت فيصلو ٻڌائي ڇڏيندي، سپريم ڪورٽ آئين جي محافظ آهي پر سمورن ادارن کي آئين جي پاسداري ڪرڻ گھرجي، عدالت ٻڌڻي ٽن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.
اسلام آباد _ ابراهيم ڪنڀر