ڪراچي

اسٽيبلشمينٽ جو اهو پراڻو طريقو رهيو آهي ته ”هڪ ڀٽو کي قتل ڪري ٻئي ڀٽي تي قتل جو الزام لڳايو وڃي: تاج حيدر

Taj Haiderڪراچي: پاڪستان پيپلزپارٽيءَ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ قادر مگسيءَ طرفان سندس پارٽيءَ جي ميهڙ واري جلسي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت تي بي بنياد الزام لڳائڻ تي حيرت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هُن چيو ته اسٽيبلشمينٽ جو اهو پراڻو طريقو رهيو آهي ته ”هڪ ڀٽو کي قتل ڪري ٻئي ڀٽي تي قتل جو الزام لڳايو وڃي“ ۽ ان ريت حقيقي قاتلن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. قادر مگسي کي ان قسم جي بي بنياد الزام لڳائڻ کان پهريان غور ڪرڻ گهرجي ته انهن الزامن کي لڳائي ڪٿي هو اسٽيبلشمينٽ جي پراڻي حربن کي نئين زندگي ۽ اصل قاتلن کي تحفظ ته فراهم نه ڪري رهيو آهي.
ترقي پسند طاقتن کي سڄي ڌُر جي رجعت پسندن طرفان لڳاتار لڳايا ويندڙ سطحي ۽ ذاتي نوعيت جي الزامن کي ورجائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ملڪ ۾ ملندڙ ورهاست هڪ نظرياتي ورهاست آهي ۽ اسانکي دوست دشمن وچ ۾ فرق ڪرڻ گهرجي. اسانجو مقصد جمهوريت جو حصول ۽ ان جو استحڪام آهي. اسان سمورين ترقي پسند طاقتن کي گڏ وٺي ڪري نه رُڳو آمريت کي ملڪ مان روانو ڪيو ۽ جمهوريت کي حاصل ڪيو آهي پر ان کان ڪيترو اڳتي وڌي متفقه اين ايف سي ايوارڊ ۽ متفقه 18هين ترميم منظور ڪرائي صوبائي خودمختياري جي ڏس ۾ تمام وڏي اڳڀرائي ڪئي آهي. سنڌ ۽ سڄي ملڪ جي پورهيتن جي وڌيڪ حقن حاصل ڪرڻ لاءِ اسانکي هاڻ وڌيڪ جدوجهد ڪرڻي آهي جنهن لاءِ ترقي پسند طاقتن جو گڏيل اتحاد ۽ حصيداري وارو عمل انتهائي ضروري آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت ۽ پاليسي خلاف رجعت پسند طاقتن طرفان لڳايا ويندڙ بي بنياد الزامن کي ورجائڻ سان سياسي ڪارڪنن جي سطح تي اسانجو گڏيل اشتراڪ عمل متاثر ٿيندو آهي جنهن جو سمورو فائدو عوام دشمن ۽ رجعت پسند طاقتن کي پهچندو آهي.
شهيد بي بي صاحبه جي قتل جي تحقيقات ۽ انهن طاقتن کي ۽ انهن جي ارادن کي بي نقاب ڪرڻ جيڪي سندس قتل جا ذميوار آهن پاڪستان جي سڄي عوام جو گڏيل مسئلو ۽ مطالبو آهي. وزيراعظم لياقت علي جي قتل جي جاچ کان وٺي اڄ تائين ملڪي تحقيقاتي ادارن جو طرزعمل عوام جي نظرن ۾ انتهائي مشڪوڪ رهيو آهي. ان لاءِ شهيد بي بي صاحبه جي قتل جي تحقيقات کي درست رُخ تي رکڻ لاءِ اقوام متحده جي نگراني هيٺ سندس قتل جي جاچ ڪرائي وئي. ٻئي طرف انهن انتهاپسند ۽ دهشتگرد طاقتن خلاف به کلي جنگ وڙهي وئي جيڪي عام تاثر مطابق بي بي صاحبه شهيد جي قتل جي پٺيان آهن. هاڻ جڏهن ته نه رُڳو سندس قتل جي تحقيقات ڪافي اڳتي تائين پهچي چڪي آهي پر 32 سال اڳ ڪيل شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل جي صحيح تحقيقات به ان ئي اداري جي ذريعي ٿي رهي آهي جيڪو ان جي عدالتي قتل جو ذميوار هو، محترم قادر مگسي طرفان رجعت پسندن جي پروپيگنڊا کي ورجائڻ حيرت ۽ افسوس جو سبب آهي.
ملڪ ۾ شفاف چونڊون ڪرائڻ، وسيلن جي منصفاڻه ورهاست ۽ هاڪاري ۽ حقيقي ترقياتي ۽ سماجي منصوبه بندي لاءِ صحيح مردم شماري انتهائي ضروري آهي . جيتوڻيڪ مردم شماري ڪرائڻ مردم شماري جي ڪمشنر جي ذميواري آهي پر ان کي درست ۽ شفاف رکڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن قسم جي سوديبازي نٿي ڪري سگهجي. پاڪستان پيپلزپارٽيءَ ان عمل جي شروعات ئي کان سمورين سياسي جماعتن ۽ غير سرڪاري ادارن کي گڏ کنيو آهي، اسان ٿورائتا آهيون ته ٻين سياسي جماعتن طرفان به ان سلسلي ۾ سهڪار جو هٿ وڌايو ويو آهي. حڪومت ۽ پارٽي ان ڳالهه کي يقيني بڻائي رهيا آهن ته مردم شماري جي سلسلي ۾ ايندڙ هر شڪايت جو جائزو ورتو وڃي ۽ ان کي درست ڪيو وڃي. اسانجي نيتن جي باري ۾ شڪ ۽ شبها پيدا ڪرڻ سان اسان پنهنجي فرض کان هٽي نه ويندا سين ۽ نه ئي مردمشماري درست ٿيندي پر درست مردم شماري جو حصول اسان سڀني جي گڏيل ڪوشش ۽ ذميواري سان ئي ممڪن ٿي سگهندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button