خيرپور: سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ چيئرپرسن اين سي ايڇ ڊي ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه جيلاني جي حڪم تي ضلعي ايڊمنسٽريٽر ڊي سي او محمد عباس بلوچ اڱاري ڏينهن يونين ڪائونسل موري جي ڳوٺ بخشل ڀيو جي ڪچي جي علائقي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب عبدالحميد چنه جي ٻن نياڻين فوت ٿيڻ تي سندن تڏي تي پهتو. ان موقعي تي ڊي سي او ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڪچي م تازي آيل ٻوڏ سبب علائقي واسين جا گهر ڪمزور ٿي ويا آهن جڏهن ته پاڪستان هيريٽيج فائونڊيشن پاران ڪچي جي متاثر ماڻهن لاءِ گهر ٺهرايا پيا وڃن. جڏهن ته عبدالحميد چنه کي پڻ انهي فائونڊيشن پاران ٻه گهر پڻ ٺهرايا ويندا. ان موقعي تي ڊي سي او فوت ٿيل نينگرين جي وارثن کي ضلعي حڪومت پاران فوري طور تي 20 هزار روپيه ڏنا جڏهن ته وڌيڪ هر هڪ فوت ٿيل نينگري جي لاءِ هڪ لک روپيه ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو. ان موقعي تي ڊي سي او سان وڏي وزير جو پرسنل سيڪريٽري مظهر علي ۽ پيپلز پارٽي اڳواڻ لعل بخش منگي، علي شير مڪول ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.