خيرپور

ڊي سي او ضلعي ۾ 144 قلم لاڳو ڪري مختلف مکيه روڊن تي هلندڙ بنا ٽائرن جي ٽريڪٽرن، ٿالهيون، ڪيڻ يا پنجهري لڳل ٽريڪٽرن جي چر پر تي پابندي هڻي ڇڏي

خيرپور: ايڊ منسٽريٽر ضلعه حڪومت خيرپور محمد عباس بلوچ صوبائي کاتي ورڪس اينڊ سروسز جي سفارش تي ضلعي اندر 144 قلم لاڳو ڪندي ضلعي جي مختلف مکيه روڊن تي هلندڙ بنا ٽائرن جي ٽريڪٽرن، ٿالهيون، ڪيڻ يا پنجهري لڳل ٽريڪٽرن جي چر پر تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. حُڪم ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مٿي ذڪر ڪيل ٽريڪٽرن جو تازو تعمير ٿيندڙ يا تعمير ٿيل روڊن تي هلڻ سان روڊن کي تقصان ٿئي ٿو. جئين ته حڪم ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته قلم 144 جي اهڙي حڪم خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. جڏهن ته اهڙو حڪم هر ستن ڏينهن بعد پاڻ مرادو لاڳو ٿيندو رهندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button