ڪراچي

پاڪستان فشر فوڪ طرفان ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو

PFFڪراچي : لينڊ مافيا جي هٿياربندن ڪڪا وليج تي حملو ۽ فائرنگ ڪري فشر فوڪ فورم جي ٻن اڳواڻن سميت ٽن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاعن موجب 5 مئي تي پاڪستان فشر فوڪ فورم جي ڪڪا وليج ۾ 13هين سالگرهه تقريب بعد گذريل رات 3 وڳي لينڊ مافيا جي اڳواڻن هٿياربندن جي مدد سان ڪڪا وليج تي اوچتو حملي ڪري ڇتي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ جو هڪ رهواسي موسيٰ ولد اسماعيل گولي لڳڻ سبب مارجي ويو، جنهن بعد پوليس ۽ هٿياربند لاش کڻي واپس هليا ويا ۽ ٻيهر رات جو 12 وڳي ڌاري لينڊ مافيا جي هٿياربند ٽولي ڳوٺ تي چڙهائي ڪندي گهرن ۾ گهڙي عورتن، ٻارڙن ۽ مردن تي تشدد ڪيو ۽ هٿيارن جي زور تي 7 ڳوٺاڻن کي اغوا ڪري ورتو، جن مان ٻن ڄڻن پاڪستان فشر فوڪ فورم ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري عبدالغني مجاهد ۽ ڪڪال وليج يونٽ جي صدر حاجي ابوبڪر جا تشدد ٿيل لاش ڪالهه صبح شمس پير واري علائقي مان هٿ آيا آهن، جڏهن ته ٽن ڄڻن کي ٿاڻي تي قيد رکيو ويو آهي ۽ باقي 2 ڄڻن حميد عرف ننهو ولد حاجي صديق ۽ اعجاز ولد حاجي صديق جو اڃا تائين پتو پئجي نه سگهيو آهي. اطلاع ملڻ تي پاڪستان فشر فوڪ فورم جو مرڪزي چيئرمين محمد علي شاهه سمورن ساٿين سميت ڪڪا وليج پهتو، جتان لاش کڻائي آءِ سي آءِ پل تي ڌرڻو هڻي لينڊ مافيا اڳواڻن ۽ ماڙيپور پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي

حيدرآباد ۾ حسين جروار، جميل جوڻيجي، امتياز بجير، پروين مگسي، بدين ۾ مٺن ملاح ۽ عمر ملاح، سانگهڙ ۾ تاج الموڪ ملاح، ايوب ملاح، يامين ملاح، ميرحسن مري، عمرڪوٽ ۾ رمضان ملاح، الهبچايو ملاح، يعقوب ملاح، شريف ملاح، سن ۾ مٺل ملاح، ڄام زادي، محمد اسماعيل ملاح، سکر ۾ غلام قادر ميراڻي، قمبر ۾ حسين بخش ميراڻي، محمد عالم ميراڻي ۽ غوث پور ۾ محمد اسحاق ملاح جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون، ٺٽي ۽ حيدرآباد ۾ ٿيل احتجاج ۾ سوين عورتن به شرڪت ڪئي، اهي مطالبو ڪري رهيا هئا ته عبدالغني ۽ حاجي ابوبڪر جي قتل ۾ ملوث لينڊ مافيا ۽ قبضا گيرن کي هڪدم گرفتار ڪري سخت سزائونن ڏنيون وڃن. هوڏانهن ضلعي ٺٽي جي مختلف مهاڻن جي وسندين، ڍنڍن، ڍورن جي مهاڻن پاران فشر فوڪ اڳواڻن جي قتل تي سوڳ طور گهرن ۽ ٻيڙين تي ڪاراجهنڊا ڦڙڪائي سوڳ ملهايو ويو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button