خيرپور
نادرا خيرپور جي ٽن تعلقن جي يونين ڪائونسل ۾ 14 مئي تائين قومي شناختي ڪارڊ فراھم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي
خيرپور: نادار ريجنل هيڊ ڪوارٽر جي مئينجر محمد حامد علي خيرپور ضلعي جي ٽن تعلقن جي يونين ڪائونسلن جي عوام کي 14 مئي 2011 تائين سندن ڳوٺن ۽ پاڙن ۾ قومي شناختي ڪارڊ جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ نادرا جي موبائيل وينز جو شيڊيول ترتيب ڏيندي ڄاڻايو آهي ته ساڳئي مقصد جي حصول لاءِ تعلقي گمبٽ جي يونين ڪائونسلن لاءِ وين نمبر 20 مقرر ڪيل آهي ۽ تعلقي ڪنگري جي يوسيز لاءِ وينSMRU-10 کي هلايو ويندو. جڏهن ته تعلقي فيض گنج جي يوسيز جي ماڻهن کي اها سهولت پهچائڻ لاءِ وين نمبر SMRU-24 کي ساڳين ذميوارين جي انجام ڏيڻ لاءِ هلايو ويندو. انهيءَ سلسلي ۾ خيرپور ضلعي جي متعلقه يوسيز جي عوام الناس کي مطلع ٿو ڪجي ته اهي 14 مئي تائين نادرا جي عملي سان رابطو ڪندي هن سهولت مان ڀرپور فائدو حاصل ڪندا.