دادو

عورتن کي با اختيار بڻائڻ لاءِ نياڻين جي تعليم تي ڀرپور توجه ڏني پئي وڃي.–سينئر وزير تعليم پير مظهرالحق جو آرمي پبلڪ اسڪول جي تقريب کي خطاب

دادو:.سينئر وزير تعليم پير مظهرالحق آرمي پبلڪ اسڪول دادو جي سالياني گرانٽ 10 لک مان وڌائي 50لک ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته حڪومت شهيد بينظير ڀٽو جي ڏنل منشور تي عمل ڪندي سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ معياري تعليم جي فروغ تي ڀرپور ڪم ڪري رهي آهي نياڻين جي تعليم شهيد راڻي جو خواب هيو ته جيئن عورتن کي با اختيار بڻائي سگهجي ۽ ڪنهن کي به سندن حق غصب ڪرڻ جي همت نه ٿي سگهي.سينئر وزير تعليم پير مظهرالحق آرمي پبلڪ اسڪول ۽ ڪاليج دادو جي سالياني تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ خواندگي جي شرح صرف بلوچستان کان بهتر آهي جڏهن ته پنجاب ۽ خيبر پختون خواه تمام گهڻو اڳتي آهن.هن چيو ته اسان جي ضلعي ۾ خواندگي جي شرح تمام هيٺين سطح تي آهي .خاص طور نياڻين کي تعليم جهڙي زيور کان محروم رکيو ويوآهي.موجوده حڪومت نياڻين جي تعليم بابت والدين ۾ شعور بيدار ڪرڻ لاءِ آڪسفيم جي سهڪار سان خصوصي مهم هلائي پئي وڃي .سينئر وزير تعليم پير مظهرالحق چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي 93 واري دور حڪومت ۾ سنڌ ۾ معياري تعليم جي فراهمي لاءِ نوشهرو فيروز ۽ دادو سميت سنڌ جي ٻين علائقن ۾ شاندار اسڪول قائم ڪيا ويا جيڪي آرمي ۽ بحريه فائونڊيشن جي حوالي ڪيا ويا آهن ته جيئن معياري تعليم کي فروغ ڏئي سگهجي.هن چيو ته گهڻن ماڻهن کي غلط فهمي آهي ته هي سرڪاري اسڪول ناهن،اهي سرڪاري اسڪول آهن.سينئر وزير تعليم پير مظهرالحق چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ هر اسڪول لاءِ الڳ الڳ بجيٽ رکي ويندي .جڏهن ته ماضي ۾ اسڪولن لاءِ جنرل بجيٽ تيار ڪئي ويندي هئي .سينئر وزير تعليم چيو ته سنڌ حڪومت ڪلسٽر اسڪول جوڙي رهي آهي جنهن تحت هڪ ،ٻن يا ٽن ڪمرن وارن ااسڪولن کي آسپاس ۾ موجود وڏي اسڪول جو حصو بڻايو پيو وڃي جڏهن ته انهن اسڪولن لاءِ هڪ هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويندو۽ پگهارون استادن جي ڪارڪردگي جي بنياد تي ڏنيون وينديون.هن چيو ته اسان هجون يا نه هجون دادو جي شهرين لاءِ عوامي حڪومت تحفي طور دادو ۾ شهيد بينظير انسٽيٽيوٽ آئي بي سکر جي سهڪار سان قائم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ڪڪڙ ۾ سوايڪڙ ايراضي تي شاندار ڪيڊٽ ڪاليج جي تعمير ڪيو پيو وڃي .هن چيو ته سنڌ ۾ شهيد بينظير آباد ۽ ڳڙهي خدابخش ۾ گرلس ڪيڊٽ ڪاليج تعمير ڪيا پيا وڃن ته جيئن سنڌ جون نياڻيون افواج پاڪستان ۾ خدمتون سرانجام ڏئي سگهن.سينئر وزير تعليم تقريب ۾ ٽيبلوز،گيت پيش ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ 25هزار ڏيڻ جو اعلان ڪيو.جڏهن ته پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ انٿام ورهايون.تقريب کي اسڪول جي پرنسيپال گدا حسين کوکر پڻ خظاب ڪيو.ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊيشن آفيسر ڊاڪٽر نياز علي عباسي ،پ پ پ رهنما بيريسٽر پير مجيب الحق سميت والدين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button