ضلعي جي مختلف اسڪيمن جو ڪم وقت تي مڪمل ڪيو ويندو: ضلعي ايڊمنسٽريٽر
خيرپور : ضلعي ايڊمنسٽريٽر ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ چيو آهي ته خيرپور ضلعي جون مختلف اسڪيمن جو ڪم وقت تي مڪمل ڪيو ويندو جڏهن ته ضلعي جي مختلف روڊن ۽ رستن کي پڻ بهتر بڻايو پيو وڃي. هن اهڙو اظهار سومر ڏينهن خيرپور جي اسپيشل ڊولپمينٽ پروگرام جون مختلف اسڪيمن جي معائني دوران ڪيو. ڊي سي او بلال ڀٽو پارڪ، نيو بس ٽرمينل، ڪوٽ ڏجي پارڪ ۽ ٻين اسڪيمن جي معائني دوران لاڳاپيل انجنيئرن کي وقت تي ڪم مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي ڊي سي او سان گڏ انجنيئر عبدالغفار شيخ ۽ ٻيا انجنيئر پڻ گڏ هئا. جڏهن ته ڊي سي او ڪوٽ ڏجي ۾ تعمير ٿيندڙ تعلقه اسپتال سٽي برانچ جو پڻ دورو ڪيو. جڏهن ته ڪوٽ ڏجي پارڪ تي هلندڙ ترقياتي ڪم جي سست رفتاري جو نوٽس وٺندي اي ڊي او ورڪس اينڊ سروسز محمد بچل ميمڻ کان رپورٽ ڏيڻ جا حڪم جاري ڪيا. ان موقعي تي ڊي سي او ٻڌايو ته وقت تي مڪمل ڪم نه ڪندڙ انجنيئرن ۽ ٺيڪيدارن خلاف سخت قدم کنيا ويندا.