دنيا ۾ اڃان تائين پوليو بيماري رهندڙ چئن ملڪن مان پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر ٿيا آهن: محمد عباس بلوچ
خيرپور: ضلعي حڪومت خيرپور پاران سچل آڊيٽوريم خيرپور ۾ جمعي ڏينهن خيرپور ضلعي جي عوام کي پوليو جي بيمارين جي حفاظتي ٽڪن متعلق ڄاڻ ڏيڻ ۽ علائقي واسين کي پوليو بيماري خلاف پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ هڪ سمينار ڪرايو ويو، جنهن ۾ ضلعي ايڊمنسٽريٽر ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ، اِي ڊي او صحت ڊاڪٽر سيد لياقت علي شاهه، سول سرجن ڊاڪٽر اعجاز گاجاڻي، پي پي ايڇ آءِ جي ڊسٽرڪٽ سپورٽ مئينيجر مقصود لُنڊ ۽ خيرپور جي مختلف اسپتالن جي ڊاڪٽرن، ڊبليو ايڇ او جي نمائندن، ايل ايڇ ويز، ويڪسينٽرز ۽ مقامي ماڻهن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سيمينار ۾ ڊي سي او محمد عباس بلوچ خطاب ڪندي چيو ته دنيا ۾ اڃان تائين پوليو بيماري رهندڙ چئن ملڪن مان پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. جڏهن ته پاڪستان ۾ سنڌ صوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ 11 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سيمينار ۾ ڊي سي او خطاب ڪندي چيو ته هن ڀيري پوليو ويڪسينيٽرن کي آسان قسطن تي موٽر سائيڪلون ۽ سٺي ڪارڪردگي عيوض کين انعام ڏنا ويندا. ان موقعي تي ڊي سي او صحت کاتي جي اي ڊي او، سول سرجن ۽ پي پي ايڇ آءِ جي ڊي ايس ايم ٻين ڊاڪٽرن کي ضلعي اندر پوليو بيماري جي خاتيم لاءِ هڪ مائڪرو پلان جوڙڻ ۽ ان بابت رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي. جڏهن ته ڊي سي او صحت کاتي جي لاڳاپيل عملي کي کاتي جي بهترين ڪارڪردگي سرانجام ڏيندڙ عملي کي انعام ۽ جڏهن ته سست ۽ ڪاهل عملي کي سزا ڏئي ڪري گھر ڀيڙو ڪرڻ جون پڻ هدايتون جاري ڪيون. جڏهن ته ضلعي حڪومت پاران تعلقي خيرپور جي ايل ايڇ اي مسمات شبانه انصاري جي سٺي ڪارڪردگي تي کين ڏهه هزار انعام ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو. سمينار کي خطاب ڪندي اي ڊي او هيلٿ ڊاڪٽر سيد لياقت علي شاهه چيو ته صدر پاڪستان ، وزيراعظم ۽ سيڪريٽري صحت سنڌ جون پوليو بيماري جي خاتمي لاءِ خاص هدايتون ڏنيون ويون آهن جڏهن ته اي ڊي او پوليوجي بيماري کان بچاءُ جي ڦڙن پيارڻ جي مهم جي سلسلي ۾ علائقي واسين کي تعاو لاءِ پڻ گذارش ڪئي ته جيئن پوليو مهم دوران علائقي جو ڪوبه ٻارڙو پوليو جي بچاءُ جي ڦڙن پيئڻ کان رهجي نه وڃي. ان موقعي تي سيمينار کي مولانا مير محمد ميرڪ قران مجيد مان مختلف آياتن ۽ حديثن جو حوالو ڏيندي چيو ته دنيا جون جيترون به بيماريون آهن الله تعالئ انهن جو علاج پيدا ڪيو آهي ۽ انهي جي روشني والدين کي پنهنجي ٻارن کي پوليوجي بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جي گذارش ڪئي. سيمينار کي ڊبليو ايڇ جي نمائندن ڊاڪٽر آغا سمع الله، ايم ايس ڊاڪٽر اعجاز علي گاجاڻي، پي پي ايڇ آءِ جي مقصود احمد لنڊ، ڊاڪٽر انور علي سولنگي، ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊ ينٽر نيشنل پروگرام فيروز الدين ڌاريجو۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. بعد ۾ ڊي سي او محمد عباس بلوچ پاران خيرپور ضلعي جي اٺن تعلقن جي پوليو مهم ۾ حصو وٺندڙ صحت کاتي جي ڊاڪٽرن، ليڊي هيلٿ ورڪرن ۽ ويڪسينٽرن کي سندن بهترين ڪاڪردگي سر انجام ڏيڻ ته ڪارڪردگي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا.