رانديون

خيرپور ۾ هڪ ميراٿن ريس جو بندوبست ڪيو ويو


خيرپور : ضلعي حڪومت پاران اين ايل سي اسٽاپ وٽان ٺيڙهي ڦاٽڪ تائين هڪ ميراٿن ريس جو بندوبست ڪيو ويو جنهن جو افتتاح ڊي او اسپورٽس مير محمد ڪلهوڙو ۽ ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر صاحب خان ڀنڊ گڏيل طور تي ڪيو. ميراٿن ريس ۾ ڪيترن ئي نوجوانن حصو ورتو جنهن ۾ عرفان بلوچ پهرين، سعيدالله بلوچ ٻئي جڏهن ته سيد نديم شاهه ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. ان موقعي تي ميراٿن ريس جي انعامن واري تقريب ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ ٿي گذري جنهن جو مهمانِ خاص اِي ڊي او ڪميونٽي ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ محمد فيصل کوکر هو. ان موقعي تي ميراٿن ريس ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙن کي اي ڊي او سي ڊي ڊي محمد فيصل کوکر، ڊي او اسپورٽس ميرمحمد ڪلهوڙو ۽ ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر صاحب خان ڀنڊ پاران نقد انعام ۽ ٽرافيون پڻ ڏنيون ويون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button