جلد خيرپور شهر اندر حددخلين کي هٽائڻ لاءِ سٽي ايڊمنسٽريٽر جي اڳواڻي هڪ مهم هلائي ويندي: راجا شاهزمان کهڙو
خيرپور :اي ڊي او روينيو راجا شاهزمان کهڙو چيو آهي ته جلد خيرپور شهر اندر حددخلين کي هٽائڻ لاءِ سٽي ايڊمنسٽريٽر جي اڳواڻي هڪ مهم هلائي ويندي جڏهن ته سرڪاري زمينن تي غيرقانوني قبضا ڪندڙن خلاف سخت قدم کنيا ويندا.اِي ڊي او اهڙو اظهار اربع ڏينهن ڊي سي او آفيس ۾ حد دخلين کي هٽائڻ جي سلسلي ۾ هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيوته لاڳاپيل معزز شهرين، انجمنِ تاجران ۽ مختلف مزدور يونين جي اڳواڻن سان جلد هڪ گڏجاڻي ڪئي ويندي جنهن ۾ حددخلين جي حوالي سان هڪ جامع پلان پيش ڪيو ويندو. ان موقعي تي وڏي وزير جي پرائيويٽ سيڪريٽري مظهر علي، سٽي ايڊمنسٽريٽر ٽي ايم او خيرپور محمد علي بلوچ، ڊي او روينيو طارق علي نظاماڻي، پيپلز پارٽي خير پور سٽي جي صدر محمد صالح انصاري، جنرل سيڪريٽري غلام حسين مغل، مزدور يونين جي اڳواڻ شهباز ڏنو ڦلپوٽو، عارب کوسو، المصطفى ٽرسٽ جي ايڊوڪيٽ شيخ عبدالوهاب ۽ ٻين شرڪت ڪئي.