آرٽيڪل

ھڪ عظيم عوامي اڳواڻ

ليکڪ: فردوس عاشق اعواڻ (سڌ سماءَ واري وفاقي وزير)
اھو تاريخ جو منحوس ترين ڏينھن ھو، ان ڏينھن ڪروڙين عوام کان سندن محبوب ۽ مخلص اڳواڻ کسيو ويو. مان اڄ تائين اھو ڏينھن ان جي لاءِ نھ وساري سگھي آھيان جو ان ڏينھن اسان جي گھر ۾ بھ ماتم متل ھو، منھنجي والد کي انتھائي گھرو صدمو پھتو ھو، ماڻھو دلاسو ڏيڻ اسان جي گھر اچي رھيا ھئا ۽ رنڀو رڙيون ڪري روئي رھيا ھئا، ڄڻ کانئن زبردستي ڪا ناياب شيءِ کسي وئي ھجي.
ڪوبھ شڪ نھ آھي تھ قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀڱو ھڪ بي مثال ۽ ناياب شخصيت ھئي، پاڻ ھن خطي جو واحد سياستدان ھو جنھن جو عوام سان ۽ عوام جو اُن سان درد جو رشتو ھو.
ماڻھو سڀ نھ سھڻا، پکي سڀ نھ ھنج
ڪنھن ڪنھن ماڻھو منجھھ، اچي بوءِ بھار جي
قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀڱو واقعي ھن سرزمين جي لاءِ بھار ۽ خلقِ خدا جي دعائن جو نتيجو ۽ خلقِ خدا جي دعائن جو ثمر ھو جيڪي مدتن کان ھڪ ھمدرد، غمخوار ۽ مسيحي جا منتظر ھئا.
قدرت جو اھو ڪرشمو بھ عجيب آھي تھ بر صغير ))ھنڌ ۽ سنڌ(( جي تمام وڏي جاگيردار خاندان ۾ ھڪ اھڙي چشم وچراغ جنم ورتو جنھن جي دل صرف ۽ صرف غريبن جي لاءِ ڌڙڪي رھي ھئي. ٻالڪپڻ کان ئي ھو عالمي ۽ مقامي ali bhuttoاستحصالي عنصرن جي خلاف ھو، قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀڱو 5 جنوري 8291ع تي جنم ورتو پر ان کان صديون اڳ جي شاعر حضرت پير وارث پنھنجي ڪلام ھير وارث ۾ سندس ڪردار جي نشاندھي ڪندي فرمايو ھو تھ ھو ناانصافي جو شڪار بڻجي قتل ڪيو ويندو، حضرت پير وارث شاھھ نھ صرف عظيم شاعر پر خدا جو ولي بھ ھو، انھن حقيقتن جي روشني ۾ جڏھن معروف ڏاھو جناب سيد عباس اطھر اھو فرمائي ٿو تھ ڀڱو ھڪ آسماني راز آھي تھ ان حقيقت کي ڪيئن نظرانداز ڪري سگھجي ٿو.
پاڪستان جي سياسي تاريخ جو جائزو ورتو وڃي تھ صاف نظر ايندو تھ قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀڱو واحد سياستدان نظر ايندو جنھن سياست ۾ قدم رکڻ وقت عوام سان عمراني معاھدو ڪيو ھو تھ مان پنھنجي ٻن پڱن ۽ نياڻي کي عوام تي قربان ڪندس. گوشت جي دل رکندڙ انسان ئي اھڙن جذبن کي سمجھي سگھي ٿو، ڇوتھ فطري طور تي پي/ کي سڀ کان وڌيڪ عزيز سندس ٻار ھوندا آھن پر قائد عوام شھيد ڀڱو کي پنھنجي جان ۽ ٻارن کان وڌيڪ عزيز سندس ڌرتي تي وسندڙ غريب عوام ھو.
انتھائي دردناڪ حقيقت اھا آھي تھ 5 جولاءِ 7791ع تي صرف جمھوريت ئي نھ اسان جي وطن جي آزادي ۽ خودمختياري تي ڌاڙو ھنيو ويو ھو ۽ سچي ڳالھھ اھا آھي تھ 5 جولاءِ 7791ع تي ملڪ جي آزادي ۽ خودمختياري تي لڳايل زخم ھيستائين ناھي ڀريو. ڪير پيو ڄاڻي تھ ريشم تي پھريون قدم رکي ھلڻ سکندڙ ذوالفقار علي ڀڱو ھڪ فرضي ڪيس جي آڙ ۾ ھڪ ڪاري ڪوٺڙي ۾ بند ٿي ويندو. قائد عوام شھيد ڀڱو سياسي ميدان ۾ ناقابل شڪست ھو ان جي لاءِ کانئس سياسي ميدان ۾ شڪست کائيندڙ ڪنھن کيس ھالا پُل تي ڦاسي ڏيڻ جي ڄار وڇائي تھ ڪنھن سندس جسماني خاتمي کي پنھنجو مقصد قرار ڏنو.
ھڪ افسانوي ڪيس جي آڙ ۾ عوام جي عظيم اڳواڻ جي خلاف ڱرائل ڪيو ويو. فرضي ۽ تصوراتي طوطا ڪھاڻي اھا گھڙي وئي تھ قائد عوام پنھنجي مخالف کي قتل ڪرائڻ چاھيو ھو. حيراني واري ڳالھھ اھا آھي تھ اھو شخص اڄ بھ زندھھ آھي. عالمي جيورسڱ حضرات قائد عوام ڀڱو جي خلاف قتل ڪيس تي راءِ جو اظھار ڪري سوال ڪندا رھيا تھ ))اھو قتل جو ڪيس آھي يا ڪيس جو قتل آھي جيڪڏھن اھو قتل جو ڪيس ھو تھ اھو سيشن ڪورڱ ۾ ھلڻ گھرجي ھا پر اھو ڪيس ھاءِ ڪورڱ ۾ ھلايو ويو جيڪا پھرين ناانصافي ھئي جيڪڏھن اھو ڪيس سيشن ڪورڱ ۾ ھلي ھا تھ فيصلو چاھي ڪجھھ بھ اچي ھا ان جي خلاف ھاءِ ڪورڱ ۾ اپيل ٿئي ھا(( پر مخالف سندس جان وٺڻ جي لاءِ بي قرار ھئا.
3 اپريل ۽ 4 اپريل واري اڌ رات قائد عوام ڀڱو کي ڦاسي جي تختي تي آندو ويو ان عمل سان سندس جان وٺندڙن جي بي صبري ظاھر ٿئي ٿي. تاريخ ڪڏھن ڪنھن خاص شخصيت کي جان ڏئي فتح حاصل ڪرڻ جو موقعو فراھم ڪري ٿي. خلقِ خدا جي عدالت جيڪا تمام وڏي عدالت آھي قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀڱو کي بي گناھھ قرار ڏئي شھيد تسليم ڪري ورتو ۽ سندس قاتلن کي ھميشھ جي لاءِ ڏوھارن جي ڪڱھڙي ۾ بيھاري ڇڏيو. اڄ سندس مخالف ايستائين جو کيس ڦاسي جي سزا ٻڌائيندڙ بھ اھو اقرار ڪري رھيا آھن تھ قائد عوام شھيد ڀڱو بلڪل بي گناھھ ۽ معصوم ھو ۽ کيس غلط ڦاسي ڏني وئي.
بلا شبھا تاريخ قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀڱو کي ھڪ معتبر مقام ڏنو. اڄ بھ ھو ڪروڙين انسانن جي دل جي ڌڙڪن ۽ ڳڙھي خدابخش ڀڱو ۾ قائم پنھنجي ابدي آرامگاھھ مان عوام جي دلين تي حڪمراني ڪري رھيو آھي. اسان سندس سياسي پيروڪار آھيون، سندس ڏنل نظريي جا سفير آھيون، اڄ جي ڏينھن اھو عھد ڪريون ٿا تھ پنھنجي قائد صدر پاڪستان ۽ شھيد محترمھ ڀڱو جي سياسي جان نشين جناب آصف علي زرداري جي قيادت ۾ عوام جي بھتر مستقبل جي لاءِ ثابت قدمي سان جدوجھد ڪندا رھنداسين ۽ قائد عوام شھيد جي ان مشن جي تڪميل ڪنداسين جنھن جي لاءِ ھن پنھنجي جان ۽ پورو خاندان قربان ڪري ڇڏيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button