ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سنڌ جو انتهائي ڪامياب گهرو وزير رهيو آهي . هن نه پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي ۽ نه ئي وري کائنس استيعفيٰ ورتي وئي آهي: شهلا رضا
ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا چيو آهي ته گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا نه ته استعيفيٰ آهي ڏني ۽ نه ئي وري کانئس استعيفيٰ ورتي وئي آهي، مخالف اجائي واويلا ڪري رهيا آهن _ آدمشماري سنڌ جي بقا جو مسئلو آهي عوام ان ۾ ڀرپور حصو وٺي . ٽنڊو محمد خان جي دوري دوران ڳوٺ پليو گهمراڻي ۾ گهر شماري جو نمبر لڳائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سنڌ جو انتهائي ڪامياب گهرو وزير رهيو آهي . هن نه پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي ۽ نه ئي وري کائنس استيعفيٰ ورتي وئي آهي ان حوالي سان ڪنهن جو به دٻاءُ قبول نه ڪيو ويو آهي ، درحقيقت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پنهنجي علاج سبب ڪجهه وقت لاءِ موڪل تي آهي جيڪو هن جو حق آهي ، ذوالفقار مرزا جي پارٽِي اندر وڏي حيثيت آهي .هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي هدايتن تي سنڌ جي هر علائقي ۾ عوامي نمائندا گهر شماري واري مرحلي جي نگراني ڪري رهيا آهن . سڃاڻپ ڪار ڊ نه رکندڙ ماڻهن کي به ڳڻپ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي ، گهر شماري وارو ڪم شفاف نموني سان مڪمل ڪيو ويندو . هن چيو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي وارداتن ۾ گهڻي حد تائين گهٽتائي آئي آهي _ ڪراچي ۾ بدنام ٽارگٽ ڪلر اجمل پهاڙي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث ٻين ڏوهارين جي گرفتاري بعد ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۾ ڪافي مدد ملندي . هن چيو ته ٽارگٽ ڪلنگ جو مسئلو صرف ڪراچي ۾ نه آهي ممبئي سميت دنيا جي ٻين وڏن شهرن ۾ روزانو 7 کان 8 ماڻهو قتل ٿين ٿا .ڪراچي اندر قتل جي هر واقعي کي ٽارگٽ ڪلنگ ۽ سياسي قتل قرار ڏيڻ وارو تاثر غلط آهي. هن چيو ته پ پ پ حڪومت مفاهمتي پاليسي تي عمل ڪندي سنڌ اندر متحده ۽ اي اين پي کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي رهي آهي ۽ ٻن سيٽن تي چونڊجي ايندڙ کي به صوبائي وزات ۾ شامل ڪيو ويو آهي جنهن جو مثال نٿو ملي . هن چيو ته اسان عوام جي مينڊيٽ سان اقتدار ۾ آيا آهيون ۽ پ پ حڪومت پنهنجو پنج سالا آئيني مدو پورو ڪندي _ان موقعي تي ڊي سي او ٽنڊو محمد خان علي احمد لنڊ گهر ۽ آدمشماري بابت ڪيل انتظامن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ٽنڊو محمد خان ضلعي کي 670 بلاڪن ۾ ورهايو ويو آهي جنهن ۾ 9 چارج سپرينٽڊنٽ، 50 سپروائيزر ۽ 6 سئو کان وڌيڪ فيلڊ عملو گهرشماري واري ڪم ۾ مصروف عمل آهي جڏهن ته ڊي سي او سيڪريٽريٽ ۾ اي ڊي او روينيو جي سربراهي ۾ خصوصي مانيٽرنگ سيل پڻ قائم ڪيو ويو آهي _بعد ۾ سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪرشهلارضا تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي چئن ڳوٺن ڊاڪٽر ايوب جت، اميد علي جت، بُلا خان جت ۽ ڊاڪٽر محمد جت ۾ سوئي گيس جي فراهمي جو افتتاح پڻ ڪيو _ ان موقعي تي پ پ پ ايم پي اي شمع مٺياڻي، ايم پي اي عبدالڪريم سومرو، پ پ پ ضلعي صدر حاجي امين لاکو ، پ پ پ اڳواڻ سيد اعجاز شاهه بخاري، نور محمد ويسريو ، ڊي پي او محمد رياض سومرو ۽ ٻيا ضلعي عملدار موجود هئا.