اسلام آباد

چين پاران پاڪستان کي پن ۽ هوائي بجلي جي فروغ ۽ بجلي جي فراهمي جي موجوده نظام کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ مالي ۽ فني تعاون، بجلي جي کوٽ جي مسئلي کي مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ مدد جي آڇ

اسلام آباد (اي پي پي) چين پاڪستان کي پن ۽ هوائي بجلي جي فروغ ۽ بجلي جي فراهمي جي موجوده نظام کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ مالي ۽ فني تعاون ۽ پاڪستان ۾ بجلي جي کوٽ جي مسئلي کي مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ مدد جي آڇ ڪئي آهي، اها آڇ چين جي ٿري گارجز پراجيڪٽ ڪارپوريشن جي چيئرمين ڪائو گوانگ جنگ اربع ڏينهن ايوان صدر ۾ بريفنگ PakChinasign2agreements2MoUs 7605دوران ڏني. ڪارپوريشن بلٽ آپريٽ ٽرانسفر جي بنياد تي گهڻ مقصدي هائيڊرو اليڪٽرڪ منصوبو تيار ڪرڻ جي به آڇ ڪئي آهي. صدر جي ترجمان فرحت الله بابر ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته ٿري گارجز پراجيڪٽ ڪارپوريشن اڳ ۾ ئي پاڪستان ۾ گهڻ مقصدو هائيڊرو ونڊ پاور منصوبي ۾ شريڪ آهي. هن چيو ته ان ۾ ڪروٽ، تونسه، ڪوهالا ۽ بونجي جا پن بجلي منصوبا شامل آهن. هن ٻڌايو ته 720 ميگاواٽ جي ڪروٽ هائيڊرو اليڪٽرڪ پاور پراجيڪٽ لاءِ دلچسپي ظاهر ڪرڻ جو ليٽر جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته منصوبي جي فزيبلٽي جي به منظوري ڏني وئي آهي ۽ منصوبو هن وقت ٽيرف پٽيشن جي مرحلي تي آهي. ترجمان چيو ته 120 ميگاواٽ جي تونسه پن منصوبي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ٿي ويون آهن، جڏهن ته جوائنٽ ڊولپمينٽ جي معاهدن تي صحيحون ايندڙ مهيني ٿينديون. هن ٻڌايو ته 1100 ميگاواٽ جو ڪوهالا پن بجلي منصوبو ٽيرف جي طئي ٿيڻ واري مرحلي تي آهي. اهڙي طرح 7 هزار 100 ميگاواٽ جو بونجي منصوبو سائيٽ سروي لاءِ تيار آهي. فرحت الله بابر چيو ته ڪراچي فرسٽ ۽ سيڪنڊ ونڊ فارم ۽ پنجاب ونڊ اينڊ سولر پراجيڪٽس پڻ ايڊوانس مرحلي ۾ آهن. صدر وفاقي حڪومت کي چيو آهي ته ٿري گارجز پراجيڪٽ ڪارپوريشن کي سکر بئراج تي پاڻي جي وهڪري تي پن بجلي جو منصوبو شروع ڪرڻ جي ذميواري سونپڻ لاءِ غور ڪيو وڃي. هن پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير سيد نويد قمر کي هدايت ڪئي ته لاڳاپيل ڌرين سان رابطا ڪيا وڃن ۽ 60 ڏينهن اندر پراجيڪٽ تي پروپوزل تيار ڪيو وڃي. صدر اها هدايت ان وقت ڏني جڏهن بريفنگ دوران اهو ٻڌايو ويو ته تونسه پراجيڪٽ لاءِ هلندڙ مهيني جوائنٽ ڊولپمينٽ معاهدي تي صحيحون ٿينديون، جتان پاڻي جو وهڪرو 10 هزار ڪيوسڪس آهي ۽ واپڊا جي چيئرمين ٻڌايو ته سکر بئراج تي پاڻي جو وهڪرو 12 هزار ڪيوسڪس آهي ۽ هتان پڻ انهي منصوبي کي اختيار ڪري سگهجي ٿو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button