ٽنڊو ڄام

يونيورسٽي جي استادن ، آفيسرن ۽ ملازمن کي پنهنجا فرض وڌيڪ محنت سان انجام ڏيڻ گهرجن

Dr. A. Q MUGHALٽنڊو ڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل چيو آهي ته يونيورسٽي جي استادن ، آفيسرن ۽ ملازمن جا ترقين جي حوالي سان مسئلا حل ڪيا ويا آهن، کين پنهنجا فرض وڌيڪ محنت سان انجام ڏيڻ گهرجن. هن اها ڳالهه سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو] جي استادن کي ڏنل ترقين بعد استاد تنظيم سائوٽا پاران ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي چئي، هن چيو ته آئون اڄ اعلان ٿو ڪريان ته جي آر اِي پاس ڪندڙ استادن کي جلد ٻاهرين ملڪ جي يونيورسٽين ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاموڪليو ويندو، هن چيو ته منهنجي مٿان مختلف قسم جا الزام مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر جيڪا سرڪاري گاڏي مون پنهنجي ذاتي استعمال ۾ آندي ان جا به 38 هزار روپيا کيسي مان سرڪاري اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايا آهن ۽ شايد ٻين ادارن ۾ ائين نه ٿيو هجي، هن چيو ته استادن جي هارڊ شپ ذريعي هڪ گريڊ جي ترقي وارو مسئلو پوري پاڪستان جي يونيورسٽين جو آهي، جيڪڏهن ٻي هنڌ ان تي عمل شروع ٿيو ته ان تي ضرور غور ڪيو ويندو، هن چيو ته يونيورسٽي جي شعبن ۾ تدريسي ترقي جي لاءِ جيڪڏهن ٻاهران قابل پي ايڇ ڊي پروفيسر مليا ته هو ضرور انهن کي يونيورسٽي ۾ مقرر ڪندو، هن چيو ته ڪنهن به صورت ۾ شاگرد جو وقت برباد نه ڪيو وڃي پر شيڊيول موجب تدريسي ۽ تحقيقي عمل جاري رکيو وڃي، ان کان اڳ سائوٽا جي صدر نعمت الله لغاري استادن جا مسئلا پيش ڪيا، جڏهن ته تقريب کي محمد اسماعيل رند، اعجاز کونهارو، شمشاد سپيو، حافظ منور سهتو ۽ ٻين به خطاب ڪيو، جڏهن ته تقريب ۾ مختلف فيڪلٽين جا ڊين، پروفيسر، استاد برادري، ملازم تنظيم جو صدر حسين بخش ويسر، آفيسر ايسوسيئيشن جو صدر غلام محي الدين قريشي ۽ ٻيا به موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button