اسلام آباد

وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني پاران ڊاڪٽرن جي بنيادي پي اسڪيل ۽ سروس اسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد : (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني اعلان ڪيو آهي ته سڀني ڊاڪٽرن ۽ پروفيشنلز کي قانون موجبGilani مستقل ڪيو ويندو جڏهن ته انهن جي بنيادي پي اسڪيل ۽ سروس اسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ لاءِ صحت واري سيڪريٽري جي اڳواڻي ۾ 3 رڪني ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو جيڪا 15 ڏينهن ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي. سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني پاليسي بيان ڏيندي وفاقي حڪومت پاران صحت جي شعبي جي بهتري لاءِ ڊاڪٽرن ۽ پروفيشنلز جي ملازمت جي ڪيريئر اسٽرڪچر جو اعلان ڪيو جنهن موجب ڊاڪٽرن ۽ هيلٿ پروفيشنلز جي بنيادي اسڪيلز ۾ بهتري آندي ويندي، ان مقصد لاءِ صحت واري وفاقي سيڪريٽري جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو جنهن ۾ ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيبلشمينٽ جا نمائندا به شامل هوندا. اها ڪميٽي ان حوالي سان 15 ڏينهن ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي.

 

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button