اسلام آبادخبرون

نون صوبن جي رجحان کي جمهوريت وسيلي روڪي سگهجي ٿو : صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته نون صوبن جي رجحان کي جمهوريت وسيلي روڪي سگهجي ٿو، ادارن ۾ جيڪڏهن ڪي اختلاف آهن اهي ارتقائي عمل جو حصو آهن، اختلاف راءِ جمهوريت جو حسن آهي، ججن جي پگهارن ۾ ٻيڻ تي اضافو ڪيو آهي ته جيئن قابل ماڻهو ان طرف اچن، مستقبل ۾ آمريت جو رستو صرف zardari 1500829جمهوريت وسيلي ئي روڪي سگهجي ٿو، جمهوريت جي استحڪام لاءِ سڀني سياسي قوتن کي ذميواري نڀائڻي پوندي، اسان ٻين جي وجود کي برداشت ڪرڻ تي يقين رکون ٿا، پاليسين جي تسلسل جي کوٽ جي ڪري ملڪ اقتصادي ترقي ناهي ڪري سگهيو. اهڙن خيالن جو اظهار صدر آصف علي زرداري ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ايوان صدر ۾ 94 هين نيشنل مئنيجمينٽ ڪورس جي ميمبرن کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سياسي عزم رکون ٿا. اسان ان عزم ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪري مالاڪنڊ ۽ سوات ۾ دهشتگردن خلاف جنگ کٽي آهي. هن چيو ته اقتصادي چئلينجن تي ڪاميابي سان ضابطو آڻي وٺندي. صدر آصف علي زرداري چيو ته جمهوريت ئي ملڪ کي صحيح رخ ۾ اڳتي وٺي وڃڻ جو واحد رستو آهي ۽ اڄ سياسي ذهن ميڇوئر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته اسان جي جمهوريت ارتقائي عمل مان گذري رهي آهي ۽ اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن پاڪستان ۾ جمهوريت تمام گهڻي مضبوط هوندي. هن موجوده حڪومت جي ڪاميابين کي اجاگر ڪندي چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي بصيرت جي روشني ۾ اهي ڪاميابيون حاصل ڪيون ويون. اسان مفاهمت جي پاليسي تي عمل پيرا آهيون ۽ الله تعاليٰ جي فضل سان ڪيترن ئي مسئلن کي ڪاميابي سان منهن ڏنو آهي. سوالن جوابن جي ويهڪ دوران صدر آصف علي زرداري هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پاڪستان ۾ ادارن ۾ ڪا به ڇڪتاڻ نه آهي هر ادارو دوستاڻي ماحول ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن ادارن ۾ ڪو اختلاف آهي ته اهو ارتقائي عمل جو حصو آهي. اختلاف راءِ جمهوريت جو حسن آهي. هن چيو ته اسان ججن جي پگهارن ۾ ٻيڻ تي اضافو ڪيو آهي ته جيئن قابل ترين فرد عدليه جي اداري طرف راغب ٿين. مستقبل ۾ آمريت جو رستو روڪڻ بابت سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته ان جو جواب وڌيڪ جمهوريت آهي. سياسي قوتن کي جمهوريت جي استحڪام لاءِ پوري وابستگي سان ذميواريون نڀائڻيون پونديون. اسان ٻين جي وجود کي برداشت ڪرڻ تي يقين رکون ٿا. جنهن سان آمريت جو رستو روڪڻ ۾ مدد ملندي. صوبائيت جي رجحان کي روڪڻ بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جمهوريت عوام جي راءِ جي اظهار جو نالو آهي. جمهوريت سمورين سياسي قوتن کي ويجهو آڻڻ ۽ سمورن معاملن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جو رستو مهيا ڪري ٿي. توهان هر شيءَ کي طاقت جي زور تي نه ٿا روڪي سگهو. جمهوريت صوبائي پرستي جي رجحان کي روڪي سگهي ٿي. اسان کي احساس محرومي کي ختم ڪرڻو پوندو. حڪومت آغاز حقوق بلوچستان سان ان ڏس ۾ پهرين ئي شروعات ڪري ڇڏي آهي. اسان سرحد صوبي جو نالو تبديل ڪري خيبر پختونخواهه رکڻ جي لاءِ عوام جي امنگن کي نظر ۾ رکيو. هن چيو ته پ پ هڪ قومي پارٽي آهي ۽ هو عوام جي حقن لاءِ پرعزم آهي. اسان مسئلن جي حل لاءِ عوام جي امنگن ۽ اجتماعي بصيرت تي يقين رکون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته قبائلي علائقن کي قومي سياسي ڌارا جو حصو بڻائڻ جي لاءِ سموريون سياسي قوتون متفق آهن ،تنهن هوندي به ائين ڪڏهن ٿيندو ان جو تعين ڪرڻ اڃا باقي آهي. هن ميمبرن تي زور ڏنو ته هو مختلف گروپن سان لاڳاپيل سرڪاري ملازمن جي حيثيت سان پبلڪ پاليسي جي جوڙجڪ ۽ ان تي عملدرآمد ۾ انهن جو اهم ڪردار آهي. ملڪ ۾ اقتصادي اڳڀرائي ۾ ايندڙ رڪاوٽن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته پاليسين جي تسلسل جي کوٽ ملڪ جي گهربل اقتصادي ترقي نه هجڻ جو وڏو سبب آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button