سکر

فوڊ ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ 2010،2011 ڪڻڪ جي فصل جي آسان فراهمي جي لاءِ فيصلو ڪيو آهي: فوڊ ڪنٽرولر سکر

wheat beautifulسکر: ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر سکر پڌرو ڪيو آهي ته فوڊ ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ 2010،2011 ڪڻڪ جي فصل جي آسان فراهمي جي لاءِ فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ ضلعي سکر لاءِ ڪڻڪ جي فراهمي جو ٽارگيٽ 60 هزار ملين ٽنس مقرر ڪيو آهي، جڏهن ته 100 ڪلو گرام جون 6 لک ٻورين جو حدف مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح ڪڻڪ جي خريداري جو اگهه 950 روپيا في 40 ڪلو گرام جي حساب سان ۽ 100 ڪلو گرام جي ٻوري 2 هزار 375 روپيا مقرر ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ضلعي سکر ۾ 19 خريداري جا مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. جيڪي 31 مارچ 2011 کان پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي. ڪڻڪ صرف آبادگارن کان جيڪو اڳي سو تڳي جي بنياد تي ورتي ويندي. ڪڻڪ مٽي، گندگي ۽ ٻين ٻاهرين شين کان پاڪ خريد ڪئي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button