اسلام آباد

صوبن ڏانهن اختيارن جي منتقلي جو عمل ڪنهن شخصيت يا اداري جي خلاف نه آهي، ان حوالي سان هڪ خاص "مائينڊ سيٽ ” سرگرم عمل آهي، ارڙهين ترميم تحت اختيارن جي صوبن ڏانهن منتقلي جو عمل جاري رهندو: رضا رباني

اسلام آباد – (اي پي پي) ارڙهين آئيني ترميم تي عملدرآمد لاءِ جوڙيل ڪميشن جي سربراهه بين الصوبائي رابطن جي وفاقي وزير سينيٽر ميان رضا رباني چيو آهي ته صوبن ڏانهن اختيارن جي منتقلي جو عمل ڪنهن شخصيت يا اداري جي raza rabbaniخلاف نه آهي، ان حوالي سان هڪ خاص "مائينڊ سيٽ ” سرگرم عمل آهي، ارڙهين ترميم تحت اختيارن جي صوبن ڏانهن منتقلي جو عمل جاري رهندو، ايڇ اي سي جي صوبن ڏانهن منتقلي سان پرڏيهي امداد ۽ وظيفن تي ٻاهرين ملڪن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ وارن جي تعليم متاثر نه ٿيندي، ڪالهه پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ميان رضا رباني چيو ته جون تائين ٽئين مرحلي تحت صوبن کي وزارتن جي منتقلي جو عمل به مڪمل ڪيو ويندو، ڇو ته ارڙهين آئيني ترميم تحت جيڪي وزارتون صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻون آهن اهي هر صورت ۾ ٿينديون، هن چيو ته هڪ خاص "مائينڊ سيٽ” اختيارن جي منتقلي خلاف آهي، اهڙن ماڻهن جو پهرين چوڻ هو ته ارڙهين ترميمي منظور نه ٿي سگهندي، جڏهن هي معاملو پڄاڻي تي پهتو ته چيو پيو وڃي ته اختيارن جي صوبن ڏانهن منتقلي سان ادارا تباهه ٿي ويندا، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي حوالي سان هن چيو ته ايڇ اي سي جي انتظاميه کي چيو ويو هو ته اسان کي وقت ڏنو وڃي جيئن ته عملدرآمد ڪميشن ان اداري جي منتقلي جي حوالي سان طريقيڪار جوڙي سگهي، اسان انهن کي خاطري ڪرائي هئي ته ايڇ اي سي جي حوالي سان قانونن تي ارڙهين آئيني ترميم جي روشني ۾ نظرثاني به ڪئي ويندي،

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button