شوڪت عزيز ڪنهن کي به ياد نه آهي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي هر ڳالهه عوام کي ياد آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو غريب عوام کي پاسپورٽ ڏئي ٻاهرين ملڪن موڪليو، حڪومت هلائڻ ٽينڪوريٽ جي وس جي ڳالهه نه آهي انهن کي غريبن جي جهڳي جي خبر نه آهي: صدر آصف علي زردار
ڳڙهي خدابخش : صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته شوڪت عزيز کي ڪو به ياد نه پيو ڪري پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي هر ڳالهه عوام کي ياد آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو غريب عوام کي پاسپورٽ ڏئي ٻاهرين ملڪن موڪليو جنهن جي ڪري اڄ 11 ارب روپين جو پرڏيهي ناڻو اچي رهيو آهي، حڪومت هلائڻ ٽينڪوريٽ جي وس جي ڳالهه نه آهي انهن کي غريبن جي جهڳي جي خبر نه آهي، معيشتدان غريبن کي سمجهي نٿا سگهن، اسان پنجن سالن ۽ ووٽ وٺڻ خاطر نه پر عوام جي خدمت عبادت سمجهي ڪري رهيا آهيون، ڪالهه هتي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي لائيو اسٽاڪ انشورنس اسڪيم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته هي اسان جو ڪارنامو ناهي، نه ئي فرزانه راجا جو ڪرشمو آهي پر هي ان شخصيت جو ڪرشمو آهي جنهن کي پاڪستان جو عوام اڄ به 32 سالن کانپوءِ به سندس نالي تي ووٽ ڏئي ٿو، هن چيو ته اسان جڏهن بي آءِ ايس پي پروگرام شروع ڪيو هو ته سڀني چيو ته هي ڪهڙو مذاق آهي پر اڄ ڪلهه هن پروگرام کي سڄي دنيا تسليم ڪيو آهي ۽ ان کي اختيار به ڪيو آهي، هن چيو ته مون فرزانه راجا کي چيو ته ميڏيان منجان (مينهون )ڪٿان هن، پر اڄ الحمد الله اهي منجيان به اچي ويون آهن، هن چيو ته هي سڀ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي روح موجب ٿي رهيو آهي، هن چيو ته محترمه جي روح کي ان وقت وڌيڪ سڪون ٿيندو جڏهن هڪ گهر ۾ ٻه مينهون اينديون ۽ اهي عورتون ان جو کير وڪڻي پنهنجو گذر سفر ڪنديون ۽ اڳتي هلي اهي مينهون ڏهن سالن ۾ 7 کان 8 ٿي وينديون، هن چيو ته جيڪو ماڻهو دڪانداري ڪري ٿو ان جو به گذر سفر ٿيندو رهندو، هن چيو ته ڪيترن ئي قومن اسان جهڙين قومن کي امداد ڏني، پر فلاسافر سمجهن ٿا ته امداد ملڻ جي ڪري قومن ترقي نه ڪئي ۽ اهي پنهنجي پيرن تي نه بيهي سگهيون، هن چيو ته چيني چوڻي آهي ته ڪنهن کي به مڇي جهلي نه ڏيو پر انهن کي مڇي جهلڻ سيکاريو ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام به ماڻهن کي پيرن تي بيهارڻ جي لاءِ آهي ۽ انهن کي اڳتي جي لاءِ قدم وڌائڻ آهي. هن چيو ته ڪو وقت هو جو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي صرف آبادگارن ۽ ڍل ڏيندڙن کانسواءِ غريب عوام کي به پاسپورٽ ڏيڻ شروع ڪيا ۽ ڪيترن ئي چيو ته هي عجيب ڳالهه آهي ۽ انهن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي پر اڄ اهي پرڏيهه ويل ماڻهو 11 بلين واپس موڪلي رهيا آهن ۽ هاڻي انهن کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سوچ سمجهه ۾ اچي رهي آهي ۽ انهي سوچ تحت اسان نوان پروگرام ڪيا آهن، هن چيو ته اسان لائيف انشورنس ڪرائي آهي ته خدانخواسته جيڪڏهن ڪنهن جو رستي ۾ موت ٿي وڃو ته ڪمپني ان جي پونيئرن کي معاوضو ڏئي، ضروري ناهي ته سڀ ماڻهو سرڪاري ملازم هجن، هن چيو ته اهي پئسا ملڻ کانپوءِ ان جي پونيئرن کي گهر جو سامان ۽ سوچڻ جو موقعو ملي ويندو ته هاڻي اڳتي ڇا ڪرڻو آهي، هن چيو ته مون کي اسلام آباد ۾ ديوارن مان آواز اچن ٿا ته ٽيڪنوڪريٽن جي حڪومت هجڻ گهرجي پر انهن کي اهي ڳالهيون سمجهه ۾ نه اينديون