لاڙڪاڻو

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪيس ٻيهر کولڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ ڏانهن ريفرنس موڪلي کيس لڳل داغ ڌوئڻ جو موقعو ڏنو آهي،هو ان مان فائدو حاصل ڪري: صدر آصف علي زرداري

pre wavinghandsنئون ديرو – (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪيس ٻيهر کولڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ ڏانهن ريفرنس موڪلي ان کي موقعو ڏنو آهي ته هو پنهنجي منهن تي لڳل داغ ڌوئي ۽ اسان کي داغ ڌوئڻ لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي،عدليه عدالتي قتل کي تسليم ڪري معافي ڏيڻ اسان جو ڪم آهي، عدليه پاڻ جدوجهد دوران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏسيل واٽ تي هلندي حق وٺڻ لاءِ لانگ مارچ ڪئي، هي قائداعظم جو پاڪستان نه پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو پاڪستان آهي، ڪالهه هتي نئون ديرو ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 32 هين ورسي جي موقعي تي هڪ وڏي جلسي عام کي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين صدر آصف علي زرداري چيو ته ڀٽو ازم جا مخالف اسان جي خلاف ڪيس ٻيهر هلائڻ چاهين ٿا ان مان ظاهر آهي ته اهي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قبر جو ٽرائيل ڪرڻ چاهين ٿا، ڇو جو آئون پنهنجي حصي جي سزا ڪاٽي چڪو آهيان جيڪا انهن ريفرنسن سزا ملڻي آهي، ان کان ته آئون ٻيڻ ٽيڻ تي ڪٽي چڪو آهيان ۽ اهي اڻ سڌي طرح تي محترمه بينظير ڀٽو جي قبر جو ٽرائيل ڪرڻ چاهين ٿا پر پاڪستان جو عوام انهن کي ائين هر گز ڪرڻ نه ڏيندو،هن چيو ته مون شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪيس ٻيهر کولڻ لاءِ ريفرنس موڪلي امين ٿيڻ جو ثبوت ڏنو آهي، هن چيو ته ڪيترائي چون ٿا ته محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي پهرئين ۽ ٻي دور ۾ ائين ڇو نه ڪيو ته آئون انهن کي چوڻ چاهيان ٿو ته محترمه بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت ۾ توهان ان جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو ۽ آخر ۾ انهن تسليم به ڪيو ته اسان آءِ جي آءِ ٺاهي پاڪستان پيپلزپارٽي جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو، هن چيو ته ٻيون ڀيرو به مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو ويو پر محترمه بينظير ڀٽو گهڻو ڪجهه ڪيو. هن چيو ته آئون تاريخ سامهون بيٺو آهيان، مون کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي جواب ڏيڻو آهي، اوهان سان جيڪو واعدو ڪيو هو اهو پورو ڪري ڇڏيو آهي. شهيد ذوالفقار علي ِڀٽو جو ڪيس ٻيهر کولرائڻ لاءِ ريفرنس داخل ڪراي ڇڏيو آهي، اڄ اسان جتي بيٺا آهيون اها ڌرتي اسان جي سياسي قلندرجي آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کانپوءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي روپ ۾ اسان کي ٻيو سياسي قلندر مليو، اسان ريفرنس داخل ڪرائي انهن کي موقعو ڏنو آهي ته اهي پنهنجي چهري تي لڳل داغ پاڻ ڌوئن، اسان انهن کي موقعو ڏنو آهي هو موقعي مان فائدو وٺن، اسان کي داغ ڌوئڻ لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي، موجوده عدليه کي اسان بحال ڪيو آهي، پوءِ کڻي ڪجهه دير ٿي پر بحال ضرور ڪيوسين، موجوده عدليه جي بحالي لاءِ اسان گوليون کاڌيون، جدوجهد ۽ لانگ مارچ ڪيو، ۽ انهن به پنهنجي بحالي لاءِ لانگ مارچ ڪئي اهو گئس به انهن کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڏسيل آهي، صدر آصف علي زرداري چيو ته موجوده عدليه لاءِ اسان گوليون کاڌيون ۽ انهن کي جيل مان ٻاهر ڪڍيو ۽ آخر ڪار انهن کي بحال ڪري ڇڏيو آهي،ٿي سگهي ٿو ته ٿوري دير ٿي هجي پر اسان واعدو پورو ڪيو، هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ڪيو ويو اهو سڀني مڃيو آهي، ان جي لاءِ محترمه بينظير ڀٽو دنيا جي قانوندانن کي گهرايو ۽ انهن ڪيس جا ڪاغذ پڙهي اهو چيو ته هي عدالتي قتل آهي، هن چيو ته جنهن به سول جج ڏانهن ڪيس ٿي ويو ان هلائڻ کان انڪار ٿي ڪيو ۽ چيو ٿي ته اهو سياسي ڪيس آهي، هن چيو ته سنڌ ۽ ڳڙهي خدابخش اها ڌرتي آهي جنهن اسان کي سياسي قلندر ڏنو، هن چيو ته مون هر هنڌ اهو چيو ته اسان نظام تبديل ڪنداسين، مون ٺٽي ۾ چيو ته اسان نظام تبديل ڪنداسين پر سياسي اداڪارن کي اهو سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هي ڇا چئي رهيو آهي، مون چيو ته آئون پنهنجا اختيار واپس ڪندس پر اها ڳالهه به انهن کي سمجهه ۾ نه آئي ۽ سڄي عوام ڏٺو ته مون جيڪو چيو اهو ڪري ڏيکاريو، هن چيو ته اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ريفرنس سپريم ڪورٽ ڏانهن موڪلي انهن کي هڪ موقعو ڏنو آهي ته اهي پنهنجي چهري تي لڳل داغ ڌوئن ۽ اسان کي مجبور نه ڪيو وڃي ته اسان انهن جي منهن تان داغ ڌوئون، هن چيو ته اسان موڪليل ريفرنس ۾ اهو لکيو آهي ته اسان انتقام نه پيا وٺون، هن چيو ته ڀٽو جو ڪيس ٻيهر کولڻ جي لاءِ نواز شريف به واعدو ڪيو هو پر هو پوءِ ڦري ويو، خبر ناهي ته ان کي ڪنهن مجبور ڪيو يا ڪجهه ٻيو هو، ان ڳالهه کي ڇڏيو وڃي، اسان اخبارن جون سرخيون ناهيون هڻندا پر اسان پنهنجي رت سان تاريخ لکندا آهيون، جيڪڏهن آئون ريفرنس نه موڪليان ها ته اها امانت ۾ خيانت هجي هي، هن چيو ته اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي بي ڏوهي رت جو حساب گهرون ٿا

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button