شهيد ذوالفقار علي ڀٽو آمريت خلاف احتجاج جي صدا بلند ڪئي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي جو رستو هموار ڪيو: وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني
اسلام آباد : وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو آمريت خلاف احتجاج جي صدا بلند ڪئي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي جو رستو هموار ڪيو، عظيم اڳواڻ جي ورسي جي موقعي تي جمهوريت جي استحڪام ۽ عوام جي حقن جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ جو عزم ڪريون ٿا، پاڪستان کي هڪ اعتدال پسند، ترقي پسند ۽ خوشحال ملڪ بڻائينداسين، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 32 هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اڄ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي آهي، 1979ع ۾ اڄ جي ڏينهن تي هن راولپنڊي جيل ۾ شهادت جو جام پيتو، پر آمريت جي آڏو ڪنڌ نه جهڪايو، هن اصول پسندي، عوام دوستي ۽ قومپرستي جي جيڪو شاندار مثال قائم ڪيو اهو هاڻي ملڪ جي عوام لاءِ نه پر سڄي دنيا جي جمهوريت پسند ۽ ترقي پسند عوام جي لاءِ راهه مشعل جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي، وزيراعظم چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي غير معمولي ذهانيت، اڻ ڳڻين صلاحيتن، ترقي پسنداڻي طرز احساس ۽ فعال سفارتڪاري سان عالمي سطح تي هڪ اهڙو نقش چٽيو جو جيڪو تاريخ ۾ سدائين يادگار رهندو، اهو قائد عوام جو اعزاز آهي جو هن آمريت خلاف احتجاج جي صدا بلند ڪئي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي جو رستو هموار ڪيو، عوام جي حمايت ۽ تائيد سان پاڪستان پيپلزپارٽي کي بي مثال ڪاميابي حاصل ٿي ۽ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو حڪومت جو واڳون سنڀاليون ته ڍاڪا سانحي جو الميو ٿي ويو هو ۽ ملڪ کي اندروني ۽ ٻاهرين سطح تي شديد مشڪلاتون ۽ بحران درپيش هئا، پر ڀٽو انتهائي حوصلامندي، دروانديشي ۽ ڏاهپ سان حالتن تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي