سکر

سيد خورشيد احمد شاهه 14 نارا ڪئنال تي ايمپرومينٽ / بحاليءَ جي ڪم جو ۽ پٽڻي فيڊنگ چينل جو افتتاح ڪيو

سکر: وفاقي وزير مذهبي امور سيد خورشيد احمد شاهه ڪنڌرا لڳ عمرڪس واهه  جي آر ڊي 14 نارا ڪئنال تي ايمپرومينٽ / بحاليءَ جي ڪم جو ۽ پٽڻي فيڊنگ چينل جو افتتاح ڪيو. هي پروجيڪٽ 12 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان مڪمل ڪيو ويو آهي. جنهن سان 40 هزار ايڪڙ غير آباد زمين آباد ٿيندي، انهيءَ موقعي تي سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته هن علائقي جي ماڻهن جو پراڻو مطالبو پورو ڪيو ويو آهي، جنهن جو واعدو  اليڪشن جي مهم دوران  ڪيو ويو هو. انهيءَ موقعي تي ايم پي اي /Syed Khursheed Ahmed Shah 1 چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڊولپمينٽ ڪميٽي سکر سيد جاويد شاه جيلاني خطاب ڪندي سيد خورشيد احمد شاهه جي علائقي واسين جي لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته هن منصوبي جي تڪميل سان علائقي جي ماڻهن ۾ خوشحالي ايندي ۽ هي علائقو سرسبز ۽ شاداب ٿيندو ۽ هي پروجيڪٽ هن علائقي جي ماڻهن لاءِ موجوده عوامي حڪومت جي طرفان هڪ تحفو آهي ۽ هي عوامي حڪومت عوام جي خدمتن تي يقين رکي ٿي، ان سلسلي ۾ عوام جي فلاح لاءِ ترقياتي منصوبا ڏيڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي، ته جئين عام ماڻهو هن سرڪار طرفان ڏنل سهولت مان لاڀ حاصل ڪري سگهن، ان موقعي تي ڊاڪٽر نصرالله بلوچ ايم پي اي ۽ ايڪس اي اين ايريگيشن زاهد مغل پڻ تقريب کي خطاب ڪيو.

 

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button