جمهوري حڪومت جو پاڪستان ۾ ميڊيا کي سهولتن جي فراهمي لاءِ پختو عزم آهي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت کي مضبوط بڻائڻ ۾ ميڊيا جي ڪردار کان آگاهه آهي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
اسلام آباد -(اي پي پي) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته جمهوري حڪومت جو پاڪستان ۾ ميڊيا کي سهولتن جي فراهمي لاءِ پختو عزم آهي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت کي مضبوط بڻائڻ ۾ ميڊيا جي ڪردار کان آگاهه آهي. هو برطانوي ميڊيا جي وفد سان ڳالهائي رهي هئي جنهن خميس ڏينهن ساڻس ملاقات ڪئي. سڌ سماءَ جي وفاقي وزير ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پاڪستان برطانيا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. هن ٻنهي ملڪن کي ميڊيا جي وچ ۾ ٻطرفن رابطن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ميڊيا جي سطح تي لاڳاپن ۾ اضافي سان ٻنهي ملڪن جيو چ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام ۾ وڌيڪ ويجهڙائي آڻي سگهجي ٿي. هن ميڊيا، راندين، واپار ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ماهرن جي مٽاسٽا تي پڻ زور ڏنو ته جيئن گڏيل رابطن سان انهن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جا نوان رستا سامهون اچي سگهن. وفاقي وزير برطانويا ميڊيا وفد جي دوري جو آڌرڀاءُ ڪندي چيو ته اهڙن دورن سان هڪ ٻئي جي تجربن ۽ رجحانن مان سکڻ جو موقعو ملي ٿو. سڌ سماءَ جي وفاقي وزير ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ جمهوريت جو تسلسل ناهي رهيو، اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان ۾ جمهوريت صحيح طرح سان مضبوط نه ٿي سگهي آهي.