ڪراچي

بلوچ صاحب جهڙي شخصيت رکندڙ ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن: سسئي پليجو

Sasuiڪراچي: مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي وفات سان پيدا ٿيل خال ڪڏهن ڀرجي نه ٿو سگهي ڇاڪاڻ ته بلوچ صاحب جهڙي شخصيت رکندڙ ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن جن پنهنجي سڄي ڄمار سنڌي ادب ۽ سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ ۾ گذاري ڇڏي – اها ڳالهه سنڌ جي ثقافت کاتي واري صوبائي وزير سسئي پليجو اڄ شام جو مرحوم ڊاڪٽر اين اي بلوچ جي تدفين بعد ميڊيا جي نمائندن سان پنهنجا ويچار ونڊيندي چئي_ – هن چيو ته ڊاڪٽر بلوچ تاريخ جو هڪ باب هو جنهن جي مرتئي سان اهو باب هميشه لاءِ بند ٿي ويو آهي _ هن چيو ته ڊآڪٽر نبي بخش بلوچ هڪ ڪميٽيڊ انسان هو جيڪو نوي سالن کان وڌيڪ وڏي عمر ۾ پنهنجو تحقيق وارو ڪم جاري رکيو _ هن چيو ته ڊاڪٽر بلوچ جي مرتئي تي ثقافت کاتي پاران ٽي ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جڏهن ته 10 اپريل تي سنڌ عجائب گهر حيدرآباد جي ممتاز مرزا هال ۾ هڪ تعزيتي ميڙاڪو به ڪوٺايو ويو آهي_ هن اعلان ڪيو ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي سموري تحقيقي ڇپيل اڻ ڇپيل مواد کي سهيئڙي وڊيو، آڊيو ۽ ڪتابن جي صورت ۾ عوام ۾ آڏو آندو ويندو ته جيئن ڊاڪٽر صاحب جي گهڻ رخي شخصيت کان عوام کي مڪمل آگاهي ملي سگهي _ هن چيو ته ڊاڪٽر بلوچ جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن جيڪي پنهنجي مقصد سان سچا ۽ جذبي سان سرشار هجن ٿا ۽ اهڙا ماڻهو ڪڏهن به مرڻا نه آهن ڇاڪاڻ ته تاريخ ۾ اهڙا اڪابر هميشه زنده رهندا _ _ ان موقعي تي هن مرحوم ڊاڪٽر بلوچ جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي سندس ايثال ثواب لاءِ دعا گهري. ان موقعي سيڪريٽري ڪلچر عبدالعزيز عقيلي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش جي وفات سنڌ جو هڪ وڏو سانحو آهي _ هن چيو ته مون سميت سنڌ جا ڪيترائي نوجوان ڊاڪٽر بلوچ جي تعليمي ۽ تحقيقي لکڻين مان فائدو حاصل ڪري پنهنجو مستقبل سنواري اڄ ڪامياب زندگي گذاري رهيا آهن جنهن کي صدين تائين نه وساري سگهبو _ هن چيو ته ڊاڪٽر بلوچ جي ڪيل ڪم کي تاريخ ۾ محفوظ ڪرڻ لاءِ ثقافت کاتي پاران هڪ جامع منصوبه بندي ڪئي ويندي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button