آرٽيڪل

ايوان صدر ۾ سويٽ ھوم جي معززين جي آجيان

لکيڪ: موسيٰ رضا
ڪنھن بھ رياست جي لاءِ ۽ عوام جي فلاح بھبود جي لاءِ ناڻي جي اھميت کان انڪار نھ ٿو ڪري سگھجي. انساني تاريخ ۾ جڏھن رياست ۽ حڪومت جو تصور آيو تھ ان وقت جي بادشاھھ يا امير سڀ کان پھريان جيڪو کاتو يا ادارو بڻايو اھو ان جو بيت المال ھو يا جديد لفظن ۾ ناڻي وارو کاتو ھو. ان جي قيام جو مقصد اھو ھو تھ ملڪي ضرورتن جي لاءِ جيڪي وسيلا درڪار آھن ان ناڻي سان پورا ڪيا وڃن. اھو ئي سبب آھي جو جڏھن پراڻي زماني ۾ملڪي ناڻو بادشاھھ جي اشاري تي ونڊيو ويندو ھو ۽ بادشاھھ کي اختيار ھوندو ھو تھ اھو جنھن کي چاھي لک دينار ڏئي ڇڏي يا ڪنھن کي منڊي لاھڻ جو حڪم ڏئي ڇڏي، اھو سڀ ڪجھھ بادشاھھ جي مرضي تي ٻڌل ھوندو ھو. جيئن جيئن انسان شعور جي بلندين تائين پھچڻ لڳو سندس سوجھھ بوجھھ ۾ اضافو ٿيندو ويو ۽ اھا ڳالھھ محسوس ڪئي تھ رياست صرف ھڪ Aiwan e Sadrشخص جي مرضي ۽ منشا سان نھ ٿي ھلائي سگھجي. ان ۾ ماڻھن جي صحت جا مسئلا ھوندا آھن، تعليم ضروري ھوندي آھي، ماڻھن جي آمدو رفت جي لاءِ رستن جي ضرروت ھوندي آھي، آبادين جي صفائي ۽ درياھن جي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ ڊيمن جي ضرورت ھوندي آھي، ان جي لاءِ رياست ھلائڻ جي لاءِ بادشاھھ سان ٻيا وزير بھ ھجڻ گھرجن. ان اصول جي تحت رياستون اڳتي وڌنديون رھيون ۽ پوءِ اھي رياستون آمراڻا مان عوام دوست بڻجڻ شروع ٿيون ۽ ھاڻي جمھوريت جو نالو عوامي فلاحي رياست بڻجي ويو آھي. ھاڻي دنيا ۾ جتي بھ ماڻھو جمھوريت جي لاءِ جدوجھد ڪن ٿا ان جو مقصد اھو ھوندو آھي تھ ھو پنھنجي ملڪ کي ھڪ فلاحي ۽ عوام دوست رياست بڻائڻ چاھن ٿا. اسلامي تاريخ ۾ ملڪي ناڻي کي بيت المال جي نالي سان ظاھر ڪيو ويو آھي ۽ ان کي ماڻھن جي امانت قرار ڏنو ويو آھي. بيت المال جي قيام جو مقصد اھو ھو تھ ان سان غريبن، يتيمن، بيواھن، مسافرن جي مالي امداد ڪئي وڃي ۽ انھن کي پنھنجي پيرن تي بيھاريو وڃي. ٻئي خليفي حضرت عمر فاروق رضي بيت المال جو نظام ايترو وسيع ۽ عريض فرمائي ڇڏيو ھو جو پاڻ فرمائيندا ھئا تھ ))جيڪڏھن فرات درياھھ جي ڪناري ڪُتو بھ بُک وڳي مري ويو تھ ان جو عمر رضي کان پڇاڻو ٿيندو(( مطلب اھو ھو تھ جڏھن بيت المال موجود آھي تھ انسانن سان گڏوگڏ جانورن جي خوراڪ ۽ حقن جو انتظام ڪرڻ بھ اسلامي ۽ فلاحي رياست جي ذميواري ھوندي آھي. پاڻ رضي جي دور ۾ سڀ کان پھريان ٿڃ پياڪ ٻارن جي لاءِ وظيفا مقرر ڪيا ويا ھئا. جديد برطانيا ۾ ان نظام کي اختيار ڪيو ويو ۽ ان کي Caliph System (خلافت جو نظام) سان اڄ بھ پڪاريو وڃي ٿو ۽ انگريز اھو تسليم ڪن ٿا تھ اھو نظام انھن مسلمانن وٽان سکيو آھي. افسوس انگريز تھ مسلمانن جو نظام ھلائي رھيا آھن پر اڄ اھو سسٽم ڪنھن بھ مسلمان ملڪ ۾ نظر نھ ٿو اچي. پاڪستان ۾ بھ بيت المال جي نالي سان ھڪ الڳ اداري جو قيام عمل ۾ آيو ان جو مقصد بھ اسلامي اصولن جي بنا تي عوام جي فلاح ۽ بھبود ھو. ماضي جي حڪومتن بيت المال جي نظام کي سياسي بنيادن تي ھلائڻ جي لاءِ بيورو ڪريسي کي استعمال ڪيو جنھن جي ڪري ان نظام جا اثر غريبن تائين نھ پھچي سگھيا. ڪڏھن بيت المال کي صرف زڪوات ڏيڻ جي لاءِ بھ استعمال ڪيو ويو ۽ ڪڏھن چيو ويو تھ ان نظام سان غربت جو خاتمو نھ ٿو ٿي سگھي ۽ ڪڏھن اھو نعرو لڳايو ويو تھ بيت المال کي ختم ڪري ان کي سوشل ويلفيئر کاتي ۾ ضم ڪيو وڃي. انھن سمورن واقعن جو بيان ڪرڻ جو مقصد اھو ھو تھ ماڻھو ان فلاحي نظام مان فائدو حاصل ڪري سگھن ۽ اھي غريب جيڪي ان مان فيضياب ٿي رھيا ھئا اھي محروم ٿي وڃن. موجودھ حڪومت اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ بيت المال جي نظام کي بھتر بڻائڻ جي لاءِ ھڪ معتبر، فعال ۽ صاحب ڪردار سياسي ڪارڪن زمرد خان کي ان منصب تي فائز ڪيو ۽ کيس اھو ٽاسڪ ڏنو تھ ھو ان بيت المال جي امانت کي انھن غريبن جي در تائين پھچائي جيڪي معاشري جي ظلم وستم برداشت ڪري رھيا آھن، ڇوتھ بيت المال جو مال يتيمن، غريبن ۽ بيواھن جي امانت ھوندو آھي، ان جي لاءِ زمرد خان وڏي کليل دل ۽ شفاف طريقي سان اھڙا منصوبا بڻايا ۽ انھن تي عمل ڪيو آھي جنھن سان اڄ اھو کاتو ڪرپشن فري ٿي ويو آھي ۽ ھن پوري قوم کي اپيل ڪئي آھي تھ اھا آگاھھ ڪري تھ بيت المال ۾ ڪٿي خرابي ٿي رھي آھي تھ جيئن ان کي صحيح ڪري سگھجي. ھاڻي بيت المال جي ذريعي لکين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وظيفا ڏنا پيا وڃن، غريبن جو مفت علاج ٿي رھيو آھي. سوات آپريشن ۽ ھاڻوڪي ٻوڏ دوران پاڪستان بيت المال لکين ماڻھن جي مدد ڪري تاريخ ۾ سنھري لفظن سان پنھنجو نالو لکرائي ڇڏيو آھي. ان دوران راشن جو اھڙو نظام اختيار ڪيو ويو جو ڪوبھ شخص بُک وڳي نھ مُئو. اھڙي ريت پاڪستان بيت المال انھن ٿڃ پياڪ ٻارڙڻ جي ڪفالت بھ شروع ڪري ڇڏي آھي، جن کي سندن والدين تڪرارن سبب لاوارث ڇڏي ويندا ھئا ان مقصد جي لاءِ چيئرمين زمرد خان پوري ملڪ ۾ 51 سويٽ ھوم بڻايا آھن، جن ۾ ھن وقت تائين ..51 ٻار ڪفالت ھيٺ آھن ۽ ان نظام جي تحت پرائمري کان بي اي تائين نھ صرف انھن ٻارن کي تعليم ۽ رھائش جون اعليٰ سھولتون فراھم ڪيون پيون وڃن پر کين گھر کان بھ بھتر ماحول فراھم ڪيو پيو وڃي. ان مقصد جي لاءِ بيت المال سان ملڪ جا ٻيا مُخير حضرات بھ سھڪار ڪري رھيا آھن. 32 مارچ تي يوم پاڪستان جي مناسبت سان جناح اسپورٽس ڪمپليڪس اسلام آباد ۾ اسپورٽس ويڪ جي ذريعي انھن سويٽ ھومز ۾ رھندڙ ٻارن جي اسپورٽس جي مقابلن جو انعقاد ڪيو ويو جنھن ۾ انھن ٻارن شاندار طريقي سان پنھنجي پرفارمنس جو مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اھم شخصيتن بھ مھمانِ خصوصي جي حيثيت سان شرڪت ڪئي ۽ انھن ٻارن سان يڪجھتي جو اظھار ڪيو پر ان سلسلي جي سڀ کان سادي ۽ پُروقار تقريب ايوان صدر ۾ ٿي، جنھن جو ميزبان صدر مملڪت آصف علي زرداري ھو. ھن فوجي وردي ۾ پھريل ٻارن جي پريڊ ڪئي، سلامي ورتي ۽ ان خواھش جو اظھار ڪيو تھ منھنجي دعا آھي تھ ھڪ وقت اھڙو بھ اچي جو انھن ٻارن مان ڪو پاڪستان جو صدر ٿئي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر محترم چيو تھ بي سھارا ٻارن جي ڪفالت جي لاءِ پاڪستان جي ھر ضلعي ۾ خانگي شعبي جي سھڪار سان سويٽ ھوم قائم ڪيا ويندا تھ جيئن انھن ٻارن جي تعليم وتربيت تي ڌيان ڏئي کين ملڪ جو ڪارآمد شھري بڻائي سگھجي. ٽنھي پاڪ فوج جي وردين ۾ پھريل ٻار جڏھن ايوان صدر پھتا تھ صدر مملڪت سندن شاندار استقبال ڪيو ۽ ان يادگار تقريب کي خطاب ڪندي فرمايو تھ پوري ملڪ جي واپارين جو اجلاس گھرائينداسين ۽ کين ان ڳالھھ تي قائل ڪنداسين تھ اھي پنھنجي مال مان انھن ٻارن جي ڪفالت جو ذمو کڻن. ھن ان ڳالھھ جو ارادو ڪيو تھ ڪفالت ھيٺ ٻارن جي انگ ۾ ٻيڻو اضافو ڪيو ويندو. ھن چيو تھ اسان جي منزل اقتدار نھ پر عوامي خدمت آھي. جيستائين ا ž ž ¦ جي مرضي ۽ عوام جي محبت اسان سان آھي اقتدار ۾ رھنداسين. ھن چيو تھ انھن ٻارن کي غلط ھٿن ۾ وڃڻ کان روڪي اسان پاڪستان جي ايندڙ نسل کي محفوظ بڻائي رھيا آھيون. درحقيقت اھي اسان جا ئي ٻار آھن جيڪي اسان جي محبت ۽ چاھت جا صحيح حقدار آھن. مان چاھيان ٿو تھ مستقبل ۾ انھن مان ڪو پاڪستان جو صدر بڻجي ۽ ٻيا اعليٰ منصب تي ويھن. صدر محترم اسلام ۾ ٻارن جي حقن تي روشني وجھندي چيو تھ قرآن پاڪ ۽ سنت ۾ ان جي وڏي فضيلت بيان ڪئي وئي آھي. (ان بابت سڀ کان وڏو دليل اھو آھي تھ آخري نبي حضرت محمدؐ پاڻ يتيم ھو ۽ ھن دنيا ۾ اھڙو انقلاب پيدا فرمايو جنھن جي روشني قيادت تائين جاري رھندي). صدر محترم چيو تھ اسپورٽس ويڪ جي اھتمام ھيٺ ٿيل راندين سان ٻارن ۾ اعتماد وڌندو. ان موقعي تي مقابلن ۾ بھترين پوزيشن حاصل ڪندڙ ٻارن ۾ صدر مملڪت انعام ورھايا ۽ حوصلا افزائي ڪئي وئي. تقريب ۾ خطاب ڪندي چيئرمين زمرد خان چيو تھ ھن جڏھن کان انھن يتيم ۽ بي سھارا ٻارن جي ڪفالت جو ذمو کنيو آھي دنيا جي غمن مان ھو ڇوٽڪارو حاصل ڪري چڪو آھي. ھن چيو تھ ا ž ž ¦ تعاليٰ کي سڀ کان وڌيڪ پيار پنھنجي مخلوق سان آھي ۽ مخلوق ۾ سڀ کان پيارا ٻار ھوندا آھن ۽ ان جي لاءِ ٻارن جي گلن سان مشابھت ڏني وڃي ٿي، اھي ھميشھ سٺي خوشبو ڏين ٿا. اسان جو فرض آھي تھ معاشري جي انھن ھونھارن کي تعليم ۽ تربيت جي ذريعي فعال ليڊر بڻايون. ان موقعي تي ھن چيو تھ چين مان .4 ھزار وھيل چيئرز گھرايون پيون وڃن جيڪي پوري ملڪ جي معذور ماڻھن ۾ ورھايون وينديون. ان پروقار تقريب ۾ سُڌ سما* واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ کان علاوھ معروف سماجي رھنما* ميان عامر محمود بھ خصوصي شرڪت ڪئي. بيت المال جي اصل مقصدن کي سامھون رکندي صوبائي حڪومتن کي بھ کپي تھ اھي معاشري جي نادار ماڻھن جي بحالي جي لاءِ انھي* جذبي سان ڪم ڪن تھ جيئن پاڪستان حقيقي معنائن ۾ ھڪ صحيح اسلامي فلاحي رياست جو منظر پيش ڪري. آمين..

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button