رانديون

ڳوٺ رفيق مهيسر ۾ ملاکڙي راند جو مقابلو منعقد ڪيو ويو

خيرپور: سيڪريٽري اسپورٽس شعيب احمد صديقي جي خاص هدايتن تي سنڌ اسپورٽس بورڊ پاران ڳوٺ رفيق مهيسر ۾ ملاکڙي راند جو مقابلو منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ علائقي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري تفريح ماڻي جڏهن ته مقابلي ۾ پريزيڊنٽ ڊسٽرڪٽ بار شفقت مهيسر، ڊپٽي ڊائريڪٽر بورڊ آف روينيو سکر، منور مهيسر، ڊي او اسپورٽس مير محمد

خيرپور: سنڌ اسپورٽس بورڊ پاران ڳوٺ رفيق مھيسر ۾ منعقد ڪرايل ملاکڙي راند جو ڏيک
ڪلهوڙو۽ ڊي آءِ او صاحب خان ڀنڊ ۽ علائقي جي ٻين رهواسين شرڪت ڪئي جڏهن ته ملاکڙي ۾ مقابلو کٽيندڙن جن ۾ علي نواز ميتلو پهرين، محمد علي ميتلو ٻئي ۽ عنايت علي ميتلو ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. بعد ۾ سنڌ اسپورٽس بورڊ پاران مقابلو کٽيندڙن ۾ ترتيبوار ڏهه هزار ، پنج هزار ، ۽ ٽي هزار روپيه روڪ ۽ ٽرافيون پڻ تقسيم ڪيون ويون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button