خيرپور

ڊي سي او ليڊي ولنگڊن اسپتال خيرپور جو دورو ڪيو

Abbas Balouchخيرپور : ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ اربع ڏينهن ليڊي ولنگڊن اسپتال خيرپور جو دورو ڪيو جتي هُن ڊاڪٽرن سان هڪ گڏجاڻي پڻ ڪئي. گڏجاڻي ۾ ڊي سي او ٻڌايو ته تازي ڄاول ٻار جي انتهائي نڳهداشت (نيو نيٽل آءِ سي يو) وارڊ کي وڌيڪ موثر بنائڻ لاءِ ضلعي حڪومت، ريڊ ڪريسينٽ سوسائيٽي خيرپور ۽ صحت کاتي پاران جلد هڪ گڏيل ايم او يو صحيح ڪيو ويندو ته جيئن نون ڄاول ٻارن جي صحت جي سڌاري لاءِ عملي قدم کڻي سگهجن. ڊ سي او وڌيڪ ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ چار ڊاڪٽر جن ۾ هڪ ٻارن جي بيمارين جو ماهر ۽ 4 اسٽاف نرسون پڻ مقرر ڪيون ويون آهن. جڏهن ڊي سي او اسپتالن کي دوائن جي فراهمي ۽ سٽي اسپتال ۾ قائم پي سي آر مشين کي هلائڻ لاءِ جنريٽر ۽ ان جي لاءِ فيول ڏيڻ جو پڻ يقين ڏياريو. ان موقعي تي اي ڊي او روينيو راجا شاهه زمان کهڙو، اي ڊي او هليٿ ڊاڪٽر سيد لياقت علي شاهه، سول سرجن اعجاز گاجاڻي ، ريڊ ڪريسينٽ جي سيڪريٽري ڊاڪٽر مراد خميساڻي ۽ ٻيا ڊاڪٽر پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button