سکر

پيرا ميڊيڪل ۽ هيلٿ ٽيڪنيشن اسڪول سکر طرفان لا ڪاليج کان پريس ڪلب سکر تائين هڪ واڪ منعقد ڪئي ويئي

Healthسکر: صحت جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي سلسلي ۾ پيرا ميڊيڪل ۽ هيلٿ ٽيڪنيشن اسڪول سکر طرفان لا ڪاليج کان پريس ڪلب سکر تائين هڪ واڪ منعقد ڪئي ويئي. جنهن جي قيادت ڊاڪٽر منير احمد منڱريو پرنسپل پيرا ميڊيڪل اينڊ هليٿ ٽيڪنيشن اسڪول سکر ڪئي. صحت جو عالمي ڏينهن 2011، جي حوالي سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر منير احمد منڱريو چيو ته ٿهليم جي جراثيم خلاف مزاحمت ڪرڻ گهرجي. ان کان اڳ جو مرض ناقابل علاج ٿئي. هن چيو ته طبي سائنس ايتري ترقي ڪئي آهي جو هر مرض جو بهتر علاج ڪري سگهجي ٿو ۽ ان کان بچاءُ ممڪن آهي. جيڪڏهن صحت جي اصولن تي سنجيدگيءَ سان عمل ڪيو وڃي ته گهڻين بيمارين کان پاڻ کي ۽ ماڻهن کي بچائي سگهجي ٿو. واڪ ۾ شريڪ ٿيندڙ ڊاڪٽر حبيب رحمان شيخ، ارشد حسين شاهه، مشتاق احمد ڊوگر، ڊاڪٽر لياقت علي ميمڻ، ڊاڪٽر غلام فاروق چنو، اسڪول جي اسٽاف ۽ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button