رانديون

پاڪستان انٽريونيورسٽي(زون ايڇ) هاڪي چيئمپين شپ جو فائنل زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام 2-گولن جي برتري تان کٽي ورتو

ٽنڊوڄام: آل پاڪستان انٽريونيورسٽي(زون ايڇ) هاڪي چيئمپين شپ جو فائنل زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام 2-گولن جي برتري تان کٽي ورتو، پاڪستان سطح جي فائنل رائونڊ لاءِ زرعي يونيورسٽي ڪواليفاءِ ڪري ورتو، رپورٽ موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي گڏيل سهڪار سان آل پاڪستان انٽر يونيورسٽي زون ايڇ هاڪي چيئمپين شپ جو فائنل زرعي يونيورسٽي جي هاڪي گرائونڊ تي ٿيو، جيڪو زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ مهراڻ يونيورسٽين وچ ۾ ٿيو، جيڪو سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ٻن گولن تان کٽي ورتو آهي، زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام پاران رانديگر فيضان احمد 2-گول ۽ احسن هڪ گول ڪيو، جڏهن ته مهراڻ يونيورسٽي پاران اڪيلو گول محمد آصف ڪيو، ان کان اڳ ٿيل راندين ۾ زون ايڇ جي جنهن ۾ مهراڻ يونيورسٽي ٽنڊوڄام، لياقت يونيورسٽي ڄامشورو، قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه ۽ ميزبان سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ مقابلا ٿيا، ان موقعي تي مهمان خاص سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ شاگردن ۾ غيرتدريسي تعميري سرگرميون خاص طور تي رانديون عروج تي آهن ۽ هاڻي يونيورسٽي ملڪ جي سڀني يونيورسٽين ۾ راندين جي ڪارڪردگي ۾ ٽاپ ٽين يونيورسٽين ۾ شامل آهي ۽ سندس مجموعي طور تي پوزيشن بهترين آهي، هن چيو ته يونيورسٽي ۾ شاگردن کي بهترين تعميري سرگرمين لاءِ جديد ماحول ميسر ڪري ڏنو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ بهترين منصوبن تي تعميري ڪم جاري آهي، ڊائريڪٽر اسپورٽس انوار احمد خانزادي به خطاب ڪيو. ان موقعي تي وائيس چانسلر فاتح ٽيم کي ٽرافي ڏني، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو پنجاب ۾ ٿيندڙ فائنل رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button