خيرپور

هن سال ڪڻڪ جي خريداري جو هدف پندرھ لک ٻوريون آهن: محمد عباس بلوچ

wheat beautiful خيرپور: جمعي ڏينهن ڊي سي او آفيس ۾ ڊي سي او محمد عباس بلوچ جي صدارت ۾ ڪڻڪ جي خريداري جي حوالي سان هڪ گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ ڊي سي او ٻڌايو ته هن سال ڪڻڪ جي خريداري جو هدف پندرھ لک ٻوريون آهن. ڊي سي او وڌيڪ ٻڌايو ته روينيو ۽ خوراڪ کاتي جو ڪڻڪ جي خريداري ۽ بارداني جي ورهاست ۾ اهم رول هوندو آهي جڏهن ته ان سلسلي ۾ لاڳاپيل تعلقن جي ڊي ڊي اوز روينيو ۽ تعلقي مختيارڪارن کي خوراڪ کاتي جي عملدارن سهڪار ڪرڻ ۽ زميندارن ۾ بارداني جي شفاف نموني ورهاست جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي ڊي سي او خوراڪ کاتي جي ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر (ڊي ايف سي) سرفراز اياز ڪمانگر کي فوڊ انسپيڪٽرن سان گڏجاڻي ۽ کين بارداني جي شفاف نموني ورهاست جي پڻ هدايتون جاري ڪيون. گڏجاڻي ۾ ڊي ايف سي ٻڌايو ته هن سال ضلعي اندر 45 فوڊ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن ۽ جڏهن ته بارداني جي ورهاست ۽ زميندارن پاران ٻين شڪايتن جي حوالي سان هر هڪ سينٽر تي فوڊ انسپيڪٽرن جي موجودگي ۾ کليل ڪچهريون پڻ منعقد ڪرايون ويندو ته جيئن زميندارن کي وڌ ۾ وڌ سهولتون مهيا ٿي سگهن. ان موقعي ته هن ڊي سي او خيرپور کي بارداني جي شفاف ورهاست جو يقين ڏياريو. گڏجاڻي ۾ اي ڊي او روينيو راجا شاهزمان کهڙو، وڏي وزير جو پرسنل اسسٽنٽ مظهر علي ۽ ٻيا روينيو ۽ خوراڪ کاتي جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button