قائد عوام، ھڪ انقلابي ليڊر
ليکڪ: نذير ڍوڪي
قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪھاڻي ڪا روايتي لوڪ داستان نھ آھي، پر ھڪ اھڙي عظيم انسان جي تاريخ آھي جيڪو پنھنجي ملڪ جي غريب عوام سان چاھھ رکندو ھو جنھن ھن ڌرتي امڙ جي آزادي ۽ خودمختياري کي حقيقت جو روپ ڏنو ھو، جنھن ڌرتي جي واسين کي سوچڻ جي لاءِ شعور، ڳالھائڻ جي لاءِ زبان ۽ ڪنڌ کڻي جيئڻ جو ڍنگ سيکاريو. کيس خبر ھئي تھ ان عمل جي قيمت ڇا ھوندي؟ اڄ ڪلھھ جي زماني ۾ گھڻا ماڻھو ڀٽو جي آھل ڪري پاڻ ئي تصور ڪري وٺن ٿا تھ ھو ڀٽو آھن پر اُھي ان حقيقت کان بلڪل بي خبر آھن تھ ڀُٽي مقتل گاھھ جي رستي جي پھرين چونڊ ڪئي ۽ بعد ۾ سياست ۾ قدم رکيو. معروف ڏاھي جناب عباس اطھر جو چوڻ آھي تھ ڀٽو ھڪ آسماني راز آھي. صديون اڳ جي شاعر حضرت پير وارث شاھھ کي ڪنھن ٻڌايو تھ سنڌ جو ھڪ پٽ حڪمران ھوندو جيڪو ناانصافي جو شڪار ٿي قتل ٿي ويندو. قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو سنڌ جي تمام وڏي نواب خاندان ۾ جنم ورتو. تقريبن ٻھ صديون اڳ سنڌو درياھھ جي پاسي نئون ديرو لاڙڪاڻي جي مقام تي مير خدابخش خان ڀُٽي ڳڙھي خدابخش جي نالي تي ھڪ ڳوٺ آباد ڪيو ھو، جيڪو سندس جاگير تي ٻڌل ھو، پوءِ مير غلام مرتضيٰ ڀٽو جي پيدائش ٿي، سندس صاحبزادي سر شاھنواز خان ڀٽو جو برصغير جي سياست ۾ ڪليدي مقام رھيو انھي ڪٽنب ۾ 8291ع تي قائد عوام جناب ذوالفقار علي ڀٽو جو جنم ٿيو.
سر شاھنواز خان ڀٽو حضرت لال قلندر شھباز جي درگاھھ جي بزرگ جي ان نصيحت تھ اوھان جو اھو پٽ غير معمولي ٻار آھي سندس خاص خيال رکيو وڃي تي عمل ڪندي سندس خاص انداز ۾ تربيت ڪئي. کيس سندس بزرگن جي بھادري، شجاعت ۽ انسان دوستي جون داستانون ٻڌايون جڏھن تھ سندس امڙ کيس ڪمزور ۽ غريب انسانن جي مدد جي تلقين ڪئي. قائد عوام ڀٽو ٻالڪپڻ کان ئي عالمي ۽ مقامي استحصالي طبقن ۽ قبضو ڪندڙن کان نفرت ڪندو ھو. 5391ع جو قصو آھي جڏھن قائد عوام ڀٽو جو والد محترم سر شاھنواز خان ڀٽو ممبئي ۾ وزير ھو ھڪ گورنر لارڊ برابورن سرشاھنواز خان ڀٽو کي پنھنجي صاحبزادن سان گڏ ماني تي صلاحيو. امداد علي خان جيڪو سرشاھنواز خان ڀٽو جو وڏو پٽ ھو کي ڏسي لارڊ برابورن چيو تھ ڇا خوبصورت جوان آھي. ))جواب ۾ امداد علي خان ڀٽو وراڻيو تھ منھنجي غير ضروري واکاڻ ڪئي وئي آھي ۽ اھا واکاڻ ڪندڙ گورنر صاحب پاڻ خوبصورت آھي((. پنھنجي باري اچڻ تي ست سالا ذوالفقار علي ڀٽو چيو ))گورنر صاحب ان جي ڪري خوبصورت آھي ڇو تھ ھي اسان جي خوبصورت ملڪ جو رت چوسيندو رھي ٿو((. ست سالا ٻار جي انھن رمارڪسن ڪجھھ لمحي جي لاءِ لارڊ برابورن کي پريشان ڪري ڇڏيو، پوءِ پنھنجا حواس سنڀاليندي ھن چيو تھ شاھنواز خان اوھان جو اھو پٽ شاعر ۽ انقلابي بڻبو. ستن سالن جي ڄمار دوران ئي قائد عوام ڀٽو جو چوڻ ھو تھ ھي اسان جو ملڪ آھي ان تي فرنگين زبردستي قبضو ڪري رکيو آھي. دنيا جو ھر اھو ملڪ جنھن تي قبضو ڪيو ويو آھي اھو منھنجو ملڪ آھي. پوءِ دنيا ڏٺو تھ ذوالفقار علي ڀٽو ھن پاڪستان جي نئين تعمير ڪئي، جنھن کي عوام دشمن ڌرين بلڪل پوئتي ڌڪي، ذلت جي حالتن جو شڪار بڻائي ڇڏيو ھو جڏھن شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي عوامي ووٽ سان اقتدار مليو تھ اوڀر پاڪستان (بنگلاديش) اسان کان جدا ٿي چڪو ھو. پاڪستان جي پوري فوج ڀارت جي قيد ۾ ھئي. معيشت تباھھ ٿي چڪي ھئي، قوم مايوسي ۽ انتشار جو شڪار ھئي. انھن حالتن ۾ شھيد ڀٽو اھو ڪجھھ ڪيو جيڪو ناقابل يقين پر قابل فخر ھو. ھن قوم کي متفقھ دستور ڏنو جيڪو پاڪستان جي وفاقي اڪائين جو وفاق سان ۽ عوام جو رياست سان ھڪ نئون معاھدو ھو. اھو ئي معاھدو قائداعظم جي باقي رھيل پاڪستان جي سلامتي ۽ عوام جي حقن جو ضامن ھو. ھن سامراجي معيشت جو خاتمو ڪري قومي تقاضن سان ھم آھنگ ۽ عوامي ڀلائي واري معيشت بيھاري. ھن ٽيڪسٽائل ۽ شوگر ملن مان زرعي صنعتن جي ڄار وڇائي، پوئتي پيل ۽ ٻھراڙي علائقن جي ترقي لاءِ وڏا منصوبا بڻايا. ھن تيل ۽ گئس جي ڳولا جا منصوبا شروع ڪيا، پاڪستان اسٽيل جھڙا عظيم منصوبا شروع ڪيا. پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻائڻ لاءِ فرانس سان ري پروسيسنگ پلانٽ جو معاھدو ڪيو ۽ ان خواب کي ھڪ حقيقت بڻايو. ھن پاڪستاني فوج کي دنيا جي جديد ترين فوج ۾ شامل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا، چشمھ ايٽمي توانائي جو منصوبو ڏنو. پاڪستان جي دوستن کان امداد جي طور تي وڏي رقم حاصل ڪري ملڪ جي ترقي لاءِ خرچ ڪئي. وڏي انگ ۾ پاڪستانين کي ٻاھر موڪليو. اھو نھ رڳو پاڪستان جي غريب عوام جو ھيرو بڻجي ويو پر ھن ٽين دنيا، غير لاڳاپيل تحريڪ ۽ اسلامي دنيا جي ملڪن کي بھ سامراجي چنبن مان ڪڍڻ لاءِ متحد ڪيو. اھو سڀ ڪجھھ عالمي سامراج ۽ ان جي پاڪستاني ايجنٽن کي برداشت نھ ٿيو ۽ اھي ذوالفقار علي ڀٽو جي جان جا دشمن ٿي ويا.
پوءِ اھو وقت بھ اچي ويو، جڏھن شھيد ذوالفقار علي ڀٽو محسوس ڪيو تھ قائداعظم جي پاڪستان کي قومن جي برادري ۾ ھڪ بلند مقام ڏيارڻ ۽ ھڪ وڏي طاقت بڻائڻ جي ))ڏوھھ(( جي سزا کيس ضرور ملندي. لھذا ھن فيصلو ڪيو تھ اھو ھڪ آمر ھٿان مرڻ پسند ڪندو پر تاريخ جي ھٿان مرڻ پسند نھ ڪندو. ھن فلسطين جي آزادي تحريڪ (پي ايل او) جي اھا پيشڪش بھ ٿڏي ڇڏي تھ ھڪ گوڙيلا ايڪشن ذريعي کيس ڀارت جي رستي فرار ڪرايو وڃي. شھيد ڀٽو جيل جي ڪوٺي ۾ لبيا جي ڪرنل معمر قذافي کي لکيل خط ۾ فوجي ايڪشن جي ذريعي پنھنجي آزادي جي منصوبي تي عملدرآمد ڪرڻ کان بھ روڪي ڇڏيو. 12 جون 8791ع تي ھن پنھنجي پياري نياڻي محترمھ بينظير ڀٽو کي ھڪ ڊگھو خط لکيو ۽ چيو تھ ))مان توکي عوام جو ھٿ تحفي ۾ ڏيان ٿو… منھنجو پيغام اھو آھي تھ رڳو عوام تي يقين ڪر. انھن جي نجات ۽ مساوات لاءِ ڪم ڪر…. تون زمين جو بچا/ نھ ٿي ڪري سگھين، جيستائين زمين جي خوشبو کان واقف نھ ٿي وڃي. عوام جي خواھشن سان ھميشھ ھم آھنگ رھجان((. 3 اپريل 9791ع تي آخري رات شھيد ڀٽو فرانس جي صدر گيسڪا ڊولستان کي ھڪ خط لکيو، جنھن جا آخري لفظ ھئا ))مان عھد ڪريان ٿو تھ جيڪڏھن منھنجي جان بچي وئي تھ مان بي پناھھ مشڪلات مان ڊڄڻ بغير ويڙھھ جاري رکندس، جيڪڏھن مان مري وڃان تھ مان پاڻ کي ان دعا سان خدا حافظ چوان ٿو تھ منھنجي عوام جي نفرت انگيز غربت ۽ افلاس جي خاتمي جي اڻپوري جنگ جي تڪميل لاءِ وڌيڪ بھتر ماڻھو ايندا.(( جن عنصرن 4 اپريل 9791ع تي قائد عوام کي شھيد ڪيو انھن جو خيال ھو تھ ڀٽو سان سندس فلسفو ۽ پارٽي بھ ختم ٿي ويندي، پر قائد عوام اڄ بھ ڪروڙين انسانن جي دلين تي حڪمراني ڪري رھيو آھي جڏھن تھ ان ٽولي کي تاريخ ڪچري جي ڊٻي جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي جنھن ٽولي 4 اپريل تي عوام کان ھڪ عظيم ۽ انقلابي اڳواڻ کسيو ھو.