ضلعي سکر ۾ جيڪي به ٻار مزدوري ڪري رهيا آهن. انهن کي اتان ڪڍي تعليم ڏانهن راغب ڪرڻو آهي: چيف ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر
سکر: سابقه ناظم آفيس سکر ۾ چيف ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر آئي ايل او- آئي پي اي سي سجيوا فونسيڪا جي صدارت هيٺ اي سي- آئي ايل او-سي اي سي ايل پراجيڪٽ 2 ڊسٽرڪٽ سکر جي حوالي سان هڪ گڏجاڻي منعقد ڪئي. هن گڏجاڻي ۾ آئي ايل او فوڪل پرسن سمير احمد سيد ۽ پراجيڪٽ مينيجر آئي ايل او- آئي پي اي سي- سي ايل پراجيڪٽ 2 نظر حسين جويو موجود هئا. انهيءَ دوران سجيوا فونسيڪا کي هلندڙ پراجيڪٽ 2 متعلق بريفنگ ڏني وئي انهيءَ دوران هن ڳالهائيندي چيو ته هي ضلعي سکر جي لاءِ تمام خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته اهڙو پراجيڪٽ جنهن ۾ ٻارن جي مشقت جي بدترين شڪل جو خاتمو ضلعي سکر ۾ ايجوڪيشن هيلٿ ۽ ووڪيشنل ٽريننگ ۽ فيملي اڪنامڪ ايمپرومينٽ آندو وڃي. انهيءَ دوران سمير احمد سيد ڳالهائيندي چيو ته هي پراجيڪٽ ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ پائليٽ پروگرام آهي. ضلعي سکر ۾ جيڪي به ٻار مزدوري ڪري رهيا آهن. انهن کي اتان ڪڍي تعليم ڏانهن راغب ڪرڻو آهي. جن ۾ 35 کان 40 هزار ٻار آهن. هن پراجيڪٽ ۾ ضلعي حڪومت جو ڪوآرڊينيشن آهي هنن ۾ ٻيا پارٽنرز به شامل آهن. هي ضلعي ايجوڪيشنل پروگرام آهي. جيڪو ٻار پڙهيل نه هوندو ته اهو ڪو به ڪم مڪمل طور تي صحيح نه ڪري سگهندو. جيڪو ٻار اڄ 10 روپيا ڪمائي ٿو اهو نه پڙهي ايندڙ وقت لاءِ هزار روپين جو نقصان ڪري ٿو. پڙهيل لکيل ٻار ايندڙ وقت ۾ والدين کي وڌيڪ ڪمائي ڏيندو ۽ انهن جو سهارو بڻبو. انهيءَ دوران نظر حسين جويو بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هن پراجيڪٽ 2 تحت ٻارن جي مشقت جي بدترين شڪل ان جو خاتمو سکر ضلعي مان ايجوڪيشن هيلٿ ووڪيشنل ٽريننگ ۽ فيملي ايمپروومينٽ وسيلي ڪيو ويندو. هي پراجيڪٽ سکر ضلعي مان ٻارن جي جبري مشقت جي خاتمي جو پروگرام آهي. هن پراجيڪٽ ۾ فنڊنگ يورپي يونين ڪميشن آئي ايل او ۽ گورنمينٽ آف پاڪستان جي الحاق سان ڪئي وڃي ٿي ۽ اين آر ايس پي هن ڪم کي ايمپليمينٽ ڪرائي رهي آهي. پارٽنرز ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ سکر ايمپلائيز فيڊريشن آف پاڪستان ، پاڪستان ورڪرس فيڊريشن ۽ سي آئي ڊبيلو سي اي اداره هن پروگرام ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. هن پراجيڪٽ تحت 40 نانفارمل ايجوڪيشن سينٽر ضلعي سکر جي 3 تعلقن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. هنن سينٽرن ۾ 1188 ٻارن رجسٽرڊ آهن. جن کي 40 استاد تعليم ڏئي رهيا آهن. 31 لٽريسي سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. جن ۾ 15 کان 17 سالن جي 775 ٻارن کي سلائي، ڪڙهائي، موبائل ريپئرنگ ۽ پلاسٽڪ بيگ ميڪنگ جهڙا ڪم سيکاريا ويندا آهن. انهيءَ دوران نانفارمل ايجوڪيشن سينٽر قريشي ڳوٺ جو دورو ڪيو ويو. انهيءَ دوران ٻارن ۽ والدين کان ٻارن کي ملندڙ تعيلم متعلق ڄاڻ حاصل ڪئي.