ضلعي ايڊمنسٽريٽر هڪ گهر تي نمبر لڳائي گهر شماري جو افتتاح ڪيو
خيرپور: ايڊمنسٽريٽر ضلعي حڪومت خيرپور ڊي سي او محمد عباس بلوچ اڱاري ڏينهن نيشنل بئنڪ خيرپور ڀرسان هڪ گهر تي نمبر لڳائي گهر شماري جو افتتاح ڪيو جڏهن ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڊي سي او چيو ته گھر شماري ڪرائڻ لاءِ ضلعي حڪومت مختلف تعلقن تي ٽيمون جوڙيون آهن جيڪي علائقي جي هر هڪ ڳوٺ ۾ وڃي گهر شماري ڪنديون. جڏهن ته ضلعي جي حساس علائقن جي گهر شماري پوليس کاتي جي تعاون سان ڪئي ويندي ته جيئن ضلعي جو هر هڪ گهر گهر شماري ۾ شامل ڪري سگهجي. ان موقعي تي پاپوليشن سينس آرگنائيزيشن اسٽيٽسٽڪ ڊويزن جي عملدار ۽ ضلعي سينس انچارج خيرپور عبدالعزيز وساڻ ٻڌايو ته خيرپور ضلعي کي 1576 بلاڪز، 156 سرڪلس ۽ 35 چارچجز ۾ ورهايو ويو آهي ته جيئن گهر شماري جو ڪم موثر ۽ جلدي ٿي سگهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته پهرين مرحلي ۾ گهر شماري جي مهم جو آغاز ٿي چڪو آهي جڏهن ته ٻي مرحلي ۾ آدمشماري جي مهم جو آغاز ڪيو ويندو. ان موقعي تي گهر شماري واري مهم ۾ ڊي سي او محمد عباس بلوچ سان گڏ پيپلز پارٽي خيرپور سٽي جو صدر محمد صالح انصاري، لعل بخش منگي، اي ڊي او روينيو راجه شاهه زمان کهڙو، ڊي او روينيو طارق علي نظاماڻي، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر صاحب خان ڀنڊ، تعليم کاتي ۽ پاپوليشن سينس جا عملدار پڻ ساڻس گڏ هئا. جڏهن بعد ۾ ڊي سي او محمد عباس بلوچ گمبٽ تعلقي ۾ هلندڙ گهر شماري جي مهم جو معائنو ڪيو ۽ اتي گهر شماري ڪندڙ عملي کان تفصيل ورتا. جڏهن ته 5 اپريل کان 19 اپريل تائين هلندڙ گهر شماري جي مهم جي حوالي سان ڊي پي او خيرپور خادم حسين رند سيڪيورٽي انتظامات ۽ امن امان برقرار رکڻ لاءِ ڪانٽينجنسي پلان جوڙي ورتو آهي جنهن ۾ ايس پي اوز ۽ ايس ايڇ اوز کي گهر شماري جي عملي سان ڀرپور تعاون ڪرڻ جون خاص هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.