خيرپور

صحتمند انسان معاشري جي بهتر نموني سان خدمت ڪري سگهي ٿو: محمد عباس بلوچ

DCO Media Briefingخيرپور: ايڊمنسٽريٽر ضلعي حڪومت خيرپور ڊي سي او محمد عباس بلوچ چيو آهي ته هر مذهب انسان جي صحت جي بهتري جو سبق ڏئي ٿو جڏهن ته پوليو ۽ ٻين خطرناڪ موذي بيمارين کان بچاءُ جو تدبيرون ۽ دوائون وٺڻ گهرجن ته جيئن انسان صحتمند رهي سگهي. هن اهڙو اظهار اڱاري ڏينهن تعلقي فيض گنج جي پڪا چانگ ۾ قائم رورل هيلٿ سينٽر (آر ايڇ سي) ۾ پوليو مهم جي افتتاحي تقريب ۾ ڪيو. ڊي سي او چيو ته صحتمند انسان معاشري جي بهتر نموني سان خدمت ڪري سگهي ٿو ۽ انساني صحت جي بهتري لاءِ حڪومت مختلف قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ضلعي اندر وڌيڪ چئن اسپتالن جنهن ۾ فيض گنج، ٺري ميرواه، صوڀوديرو ۽ ڪنگري تعلقي جون اسپتالون شامل آهن انهن کي جلد اپ گريڊ ۽ ريهيبليٽيٽ ڪري تعلقي سطح جي اسپتالن جو درجو ڏنو ويندو. ڊي سي او وڌيڪ چيو ته هر مڪتب فڪر جي عالمن، سماجي ۽ سياسي ورڪرن سميت ميڊيا جي نمائندن تي پڻ اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هوُ پنهنجي لاڳاپيل علائقي جي ماڻهن کي موبلائيز ڪن ته جيئن پوليو جي ڦڙن پيارن ۾ صحت جي عملي کي ڪا تڪليف نه ٿئي ۽ علائقي جو نوجوان نسل پوليو جهڙي موذي مرض کان پڻ بچي پوي. ان موقعي تي ايگزيڪيٽوِ ڊسٽرڪٽ آفيسر (اي ڊي او) صحت ڊاڪٽر سيد لياقت علي شاهه پنهنجي خطاب ۾ پوليو جي ڦڙن جي اهميت بيان ڪندي چيو ته ضلعي جي ٻين تعلقن جي ڀيٽ ۾ فيض گنج تعلقي ۾ پوليو جي ڦڙن جا رفيوزل (انڪاري) ڪيس وڌيڪ رپورٽ ٿيا آهن جڏهن ته باشعور علائقي واسين کي گذارش آهي ته علائقي جي ماڻهن کي پوليو جي ڦڙن جي اهميت اُجاگر ڪن ته جيئن ايندڙ نسل کي پوليو جهڙي موذي مرض کان بچائي سگهجي. جڏهن ته تقريب کي روٽرين شجاعت احمد صديقي خطاب ڪندي ٻڌايو ته فيض گنج تعلقي ۾ پوليو جي ڦڙن جا 200 رفيوزل ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جيڪا افسوس جهڙي ڳالهه آهي جڏهن هن دفعي پوليو مهم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ضلعي انتظاميه ۽ صحت کاتي پاران وڌيڪ موثر قدم کنيا ويا آهن. جڏهن ته تقريب کي آر ايڇ سي جي ايم ايس ڊاڪٽر عزيز الرحمان سومرو، ڊاڪٽر مقبول ۽ ٻين خطاب ڪيو. ان موقعي تي ڊي سي او آر ايڇ سي کي چوديواري، ايمبولينس، وڌيڪ اسٽاف مقرر ڪرائڻ جو يقين ڏياريو. بعد ۾ ڊي سي او ۽ اي ڊي او هليٿ آر ايڇ سي ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري پوليو مهم جو باقائده افتتاح ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button