سنڌ صوبي جي زراعت جو شعبو تمام اهميت جو حامل آهي: محمد عباس بلوچ
خيرپور: ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ ضلعي آبادگارن جي سهولت واري بورڊ جي ميمبرن ۽ خوراڪ کاتي جي عملدارن سان سومر ڏينهن شام جو درٻار هال ۾ هڪ گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته سنڌ صوبي جي زراعت جو شعبو تمام اهميت جو حامل آهي ۽ ملڪ جي معيشيت ۾ زراعت جو اهم ڪردار آهي جڏهن ته قومي معيشت ۾ آبادگارن جي اهميت کي اُجاگر ۽ سندن فصلن جي مجموعي اپت ۾ اضافي ۽ بهتري لاءِ ضلعي حڪومت پاران هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڊي سي او روينيو، خوراڪ ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن کي هدايتون ڏيندي چيو ته ضلعي جي آبادگارن کي بهتر کان بهتر اپت جي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪن. جڏهن ته ڊي سي او خوراڪ کاتي جي عملدارن کي ضلعي جي آبادگارن ۾ ڪڻڪ جي بارداڻي جي شفاف ورهاست جي عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ خاص هدايت ڪئي.جڏهن ته گڏجاڻي ۾ خوراڪ کاتي سکر جو ڊپٽي ڊائريڪٽر زاهد حسين مميڻ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته فوڊ ڊپارٽمينٽ پاران خيرپور ضلعي ۾ ڪڻڪ جي بارداڻي جي 15 لک ٻورين جي ٽارگيٽ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضلعي اندر مختلف علائقن ۾ 45 فوڊ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن جڏهن موجود 8 لک ٻورين جي بارداڻي ضلعي جي آبادگارن ۽ زميندارن ۾ سندن گهرج موجب شفاف نموني ورهائڻ لاءِ خوراڪ کاتي جي انسپيڪٽرن کي خاص هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. جڏهن گڏجاڻي ۾ پاسڪو جي نمائندن ٻڌايو ته ضلعي اندر سندن ڪڻڪ جي خريداري جو ٽارگيٽ ٻه لک آهي ۽ ان سلسلي ۾ پاسڪو پاران ضلعي اندر مختلف علائقن ۾ 04 مرڪز پڻ قائم ڪيا ويا آهن. گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙن آبادگارن غلام قاسم جسڪاڻي، قادر بخش مري ۽ ٻين ٻڌايو ته ضلعي جي ڪچي وارن علائقن ۾ تازي ٻوڏ سبب ضلعي ڪڻڪ جي اپت وڌيڪ ٿي آهي ۽ ڪڻڪ جو فصل بمپر ڪراپ لهندو تنهنڪري ڪڻڪ جي فصل جي خريداري ۽ بارداني جو هدف وڌايو وڃي جڏهن ته آبادگارن اهو پڻ ٻڌايو ته ڪجھ واپاري ۽ درمياني طبقي جا ماڻهو فوڊ ڊپارٽمينٽ وارن کان بارداڻي جي ٻورين جي حاصل ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي ويا آهن جيڪو عمل مقامي آبادگارن ۾ هڪ ڳڻتي ۽ مايوسي واري ڪفيت پيدا ڪندو جڏهن ته ڊي سي او خوراڪ کاتي جي عملدارن کي مقامي ۽ ننڍن آبادگارن ۾ ڪڻڪ جي بارداڻي جي ورهاست کي يقيني بڻائڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون جڏهن اي ڊي او روينيو کي ان سلسلي ۾ تعلقي ۽ ضلعي ليول تي ڪاميٽين جي تشڪيل ڏيڻ لاءِ پڻ حڪم جاري ڪيو. گڏجاڻي ۾ روينيو ، خوراڪ کاتي ۽ ضلعي جي آبادگارن شرڪت ڪئي.