حيدر آباد

سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا مهم 2012-2011 لاءِ حيدرآباد جي تعليمي عملدارن، سپروائيزرن، ۽ سينيئر استادن گورنمينٽ نيول راءِ هيرانند هاءِ اسڪول سوسائٽي کان پريس ڪلب حيدرآباد تائين هڪ ريلي جو اهتمام ڪيو

حيدرآباد: سنڌ جي تعليم کاتي جي انتظاميه  جي خصوصي هدايتن تحت  حيدرآباد ضلعي جي سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا  مهم  2012-2011 لاءِ ايگزيڪيوٽو  ڊسٽرڪٽ آفيسر ايجوڪيشن حيدرآباد نياز احمد لغاري جي اڳواڻي ۾  حيدرآباد  جي تعليمي عملدارن، سپروائيزرن،  ۽ سينيئر استادن گورنمينٽ نيول راءِ  هيرانند هاءِ اسڪول سوسائٽي کان پريس ڪلب حيدرآباد  تائين هڪ   ريلي جو اهتمام ڪيو ويو _ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ بينرز  ۽ پلي ڪارڊز کنيل هئا جن تي تعليم جي اهميت بابت نعرا لکيل هئا _ ريلي کي خطاب  ڪندي  اي ڊي او  ايجوڪيشن  حيدرآباد نياز احمد لغاري چيو ته ان مهم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا ۽  اهو هڪ جهاد آهي جيڪڏهن اسان ايمانداري سان  ان مهم کي   ڪامياب  بڻايون ته سرڪاري اسڪولن تي عوام جو اعتماد بحال ٿيڻ سميت  تعليم جي معيار کي  بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي _ هن  ماڻهن تي زور ڀريو ته  اهي پنهنجي ٻارڙن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل  ڪرائي  پنهنجي گهريلو بجيٽ  ۾ گهٽتائي آڻي سگهن ٿا جڏهن ته سرڪاري اسڪولن ۾ اعليٰ تربيت  يافته استاد شآگردن کي بهتر طريقي سان تعليم  فراهم ڪري رهياآهن _ هن چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا ۽ ڪتاب مفت ڏنا پيا وڃن جڏهن ته شآگردياڻين ۾وظيفن سميت ضرورتمندن شآگردن کي اسڪالرشپ  پڻ  فراهم ڪئي پئي وڃي _ ان موقعي تي ڊي اي او سيڪنڊري فراست سلطانه ، ڪوآرڊينيٽر اسپورٽس اّذڪار احمد مغل ، فريد احمد ميمڻ  الياس ڀٽي، غلام عباسي، سعيد الرحمان، صديق غوري، مبارڪ عباسي، انور دانش، عارف  شاهه ۽ رشيد خان به شرڪت ڪئي _ بعد ۾ اي ڊي او ايجوڪيشن. پريس ڪلب  حيدآباد وٽ اسڪولن ۾ داخلا جي دلچسپي رکندڙ ٻارڙن ۾ داخلا فارم ورهايا

 

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button