سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جو معيار بهتر ڪرڻ سرڪار جي اولين ترجيح آهي: غلام اصغر ميمڻ
خيرپور: سومر ڏينهن ڊي سي او درٻار هال ۾ ضلعي اندر سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا کي وڌائڻ ۽ تعليمي معيار جي بهتري لاءِ ضلعي ايڊمنسٽريٽر ۽ ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ ڊي سي او ٻڌايو ته سرڪاري اسڪولن جي تعليمي معيار کي بهتر بڻائي خانگي اسڪولن جي برابر ڪيو ويندو ۽ جڏهن ته ڪيترن ئي پرائمري ۽ مڊل اسڪولن جو درجو وڌايو ويندو ۽ ان سان گڏوگڏ هر تعلقي ۾ هڪ ماڊل اسڪول قائم ڪيو ويندو جنهن ۾ شاگردن جي رهڻ جي سهولت لاءِ هاسٽل ۽ ٽرانسپورٽ جون پڻ سهولتون مهيا ڪيون وينديون. هن وڌيڪ چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جو معيار بهتر ڪرڻ سرڪار جي اولين ترجيح آهي ۽ حڪومت تعليم جي شعبي کي بهتر ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ اي ڊي او ايجوڪيشن غلام اصغر ميمڻ ٻڌايو ته سرڪاري اسڪولن جي داخلا کي وڌائڻ لاءِ هر تعلقي ۾ تعليم سيمينار منعقد ڪرايا ويندا جڏهن ته علائقن واسين کي سرڪاري اسڪولن جي تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ تعليم کاتي سان تعاون ڪرڻ لاءِ پڻ سجاڳي پيدا ڪئي ويندي. گڏجاڻي ۾ اي ڊي او روينيو راجا شاهزمان کهڙو، ڊي او روينيو طارق علي نظاماڻي ۽ تعليم کاتي جا ضلعي ۽ تعلقي عملدارن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.