خيرپور
جلد ڳوٺ قائم الدين ڪلهوڙو ۾ معصوم نينگري شهنيلا عباسي جي نالي اسڪول قائم ڪيو ويندو: نعيم احمد کرل
خيرپور : پيپلز پارٽي جي ايم پي اي نعيم احمد کرل خيرپور ۾ پنهنجي راهائشگاهه تي ڪجهه مهينا اڳ گمبٽ تعلقي جي ڳوٺ قائم الدين ڪلهوڙو ۾ اسڪول ويندي رُولو ڪُتن پاران مارجي ويل معصوم نينگري شهنيلا عباسي جي والد ميهر علي عباسي کي سنڌ جي وڏي وزيرسيد قائم علي شاهه پاران اعلانيل ضلعي حڪومت پاران ٻه لک روپين جو چيڪ ڏنو. ان موقعي تي ايم پي اي نعيم احمد کرل ڳالهائيندي چيوته سندس تڪ جي ماڻهن سان همدرديون آهن جڏهن ته جلد ڳوٺ قائم الدين ڪلهوڙو ۾ معصوم نينگري شهنيلا عباسي جي نالي اسڪول قائم ڪيو ويندو. هن چيوته موجوده حڪومت عوام جي ڀلائي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ جڏهن ته ضلعي ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن . هن وڌيڪ چيو ته جلد گمبٽ ۾ پڻ وڌيڪ ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا.