سکر

اسان انهن استادن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن ٻوڏ دوران مشڪل گهڙيءَ ۾ پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي سکر ضلعي جي ماڻهن جي خدمت ڪئي: انعام الله خان ڌاريجو

سکر: نادرا ريجنل هيڊ ڪوارٽر سکر ۾ ٻوڏ دوران نادرا وطن ڪارڊ تقسيم ڪرائڻ ۾ ڀرپور مدد ڪندڙ استادن کي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ لاءِ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. جنهن جو مهمان خاص ڊي سي او سکر انعام الله خان ڌاريجو هو. هن خطاب ڪندي چيو ته اسان انهن استادن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن ٻوڏ دوران مشڪل گهڙيءَ ۾ پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي سکر ضلعي جي ماڻهن جي خدمت ڪئي ۽ ڏکي وقت ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪئي. انهيءَ موقعي تي جنرل مينيجر نادرا سکر ڳالهائيندي چيو ته اسان کي فخر آهي ته ضلعي انتظاميه جي مدد سان نادرا سکر تمام گهٽ وقت ۾ مختلف ضلعن ۾ انتظاميه جي مدد سان 24 وطن ڪارڊ سينٽر قائم ڪيا. جن جي ذريعي هن وقت تائين 4 لک 57 هزار 809 وطن ڪارڊ ورهائجي چڪا آهن. جن جي ماليت تقريبن 9 ارب 15 ڪروڙ روپيا آهي. سڀ کان اڳ ضلعي سکر ۾ 4 وطن ڪارڊ سينٽر قائم ڪيا ويا جن جي ذريعي اڃا تائين 80 هزار وطن ڪارڊ تقسيم ڪيا ويا آهن. اهڙيءَ طرح پوري سنڌ ۾ 5 لک 70 هزار ۽ پوري ملڪ ۾ 15 لکن کان وڌيڪ وطن ڪارڊ تقسيم ٿي چڪا آهن. هن ڀلائيءَ جي ڪم ۾ پوري ملڪ مان سوين رضا ڪارن پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button