اخبارن ۾ بلڊنگ جي خطرناڪ صورتحال جو ذڪر ڪيو ويو آهي جيڪو سرار غلط آهي: صاحب خان ڀنڊ
خيرپور: مختلف اخبارن ۾ ضلعي اطلاعات آفيس خيرپور جي بلڊنگ جي حوالي سان ڇپيل خبرن جي درستگي ڪندي ضلعي اطلاعات آفيسر صاحب خان ڀنڊ ٻڌايو ته ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيس خيرپور جي بلڊنگ نه صرف پراڻي پر قديمي ۽ تاريخي ورثو پڻ آهي جيڪا ڪنهن وقت سنڌ اطلاعات کاتي جي ڊائريڪٽوريٽ جي آفيس پڻ رهي آهي جنهن ۾کاتي جا ڪيترائي ڊائريڪٽر ڊيوٽي سرانجام ڏئي چُڪا آهن. جڏهن ته سکر کي ڊويزن جي درجي ملڻ کانپوءِ خيرپور جي اطلاعات آفيس ۾ ضلعي عملدار پنهنجون ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا پيا اچن. جڏهن ته بلڊنگ جي موجوده حالت مرمت جوڳي آهي پر اخبارن ۾ بلڊنگ جي خطرناڪ صورتحال جو ذڪر ڪيو ويو آهي جيڪو سرار غلط آهي پربلڊنگ کي مرمت جي ضرورت ضرور آهي. جڏهن ته ڪجهه اخبارن ۾ ڇپيل تصويرن ۾ گهرو کاتي جي اسسٽنٽ ڊائريڪيٽر ريڪليميشن اينڊ پروبيشن جي آفيس بلڊنگ جي ڀت جو ڪريل حصو ڏيکاريو ويو آهي جيڪو ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيس جو حصو نه آهي. جڏهن ته ضلعي اطلاعات آفيس جو عملو محدود سهولتن جي باوجود سنڌ حڪومت توڙي ضلعي حڪومت جي مختلف سرگرمين کي ميڊيا ذريعي عوام تائين پهچائڻ ۽ کين آگاهي ڏيڻ ۾ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي. جڏهن ته ضلعي اطلاعات آفيس خيرپور مان حڪومت جي مختلف سرگرمين بابت جاري ٿيندڙ پريس هينڊ آئوٽس، تصويرون ۽ نيوز ليٽرس ضلعي حڪومت جي ويب سائيٽwww.khairpur.gos.pk تي وقت بوقت اپ لوڊ ڪيا پيا وڃن ته جيئن دنيا جي ڪنڊ ڪُڙڇُ ۾ رهندڙ انهن پريس هينڊ آئوٽس ۽ تصويرن تي ڄاڻايل ويب سائيٽ تي انٽرنيٽ ذريعي رسائي حاصل ڪري خيرپور ضلعي متعلق تاريخ، سياست، سماجي توڙي سرڪاري سرگرمين جي تازي ڄاڻ وٺي سگهن ٿا.