موجوده حڪومت معياري تعليم جي فراهمي لاءِ وڌ ۾ وڌ قدم کڻي رهي آهي:ڊاڪٽر نفيسه شاهه جيلاني
خيرپور: قومي ڪميشن براءِ انساني ترقي (اين سي ايڇ ڊي) جي چيئرپرسن ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه جيلاني چيو ته آهي ته موجوده حڪومت معياري تعليم جي فراهمي لاءِ وڌ ۾ وڌ قدم کڻي رهي آهي جڏهن ته خيرپور واسين اعلى تعليم لاءِ کين مالي مدد ڪئي پئي وڃي ته جيئن تعليم حاصل ڪري ملڪ، صوبي ۽ پنهنجي خيرپور ضلعي جي خدمت ڪري سگهن
. هن اهڙو اظهار سومر ڏينهن سچل آڊيٽوريم ۾ ضلعي حڪومت پاران خيرپور سان واسطورکندڙ ملڪ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ هوشيار شاگردن ۾ 64،76000 روپين جي ماليت جي اسڪالرشپ جي چيڪن ورهائڻ واري تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ مختلف ادارن جي قائم ڪرڻ ۽ انهن کي هلائڻ لاءِ صلاحيتمند ماڻهن جي ضرورت آهي. انهي ڪري موجوده حڪومت ماڻهن جي صلاحيتن کي نمايان ۽ بهتر بڻائڻ لاءِ پڻ مختلف قدم کڻي رهي آهي ۽ جڏهن ته شاگردن کي اسڪالرشپ ڏئي ڪري کين معياري ادارن ۾ تعليم پرائڻ جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته جڏهن هوُ خيرپور ضلعي جي ناظمه هئي ته ضلعي جي هوشيار ۽ ضرورتمند شاگردن جي مالي سهائتا لاءِ ٻن لکن روپين جي اسڪالرشپ جي بجيٽ رکي وئي هئي جيڪا هن سان هڪ ڪروڙ آهي ۽ آئنده سال ٻه ڪروڙ روپيه رکيا ويندا. هن چيوته ملڪ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ نوجوانن جي آدمشماري رکي ٿو پر نوجوانن جي صلاحيتن مان فائدو حاصل ڪرڻ ۽ کين صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ تعليم تي وڌ ۾ وڌ توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي اِي ڊي او ايجوڪيشن غلام اصغر ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته ضلعي اندر هوشيار ۽ نوجوان شاگردن کي معياري تعليم پرائڻ لاءِ اهڙي مالي مدد ڪرڻ تي ضلعي حڪومت جي واکاڻ ڪندي چيو ته خيرپور رياست جي سونهري دور ياد ڏياري آهي جنهن دور ۾ پڻ معياري تعليم لاءِ هر ممڪن سهولت ڏني ويندي هئي. ان موقعي تي اي ڊي او ڪميونٽي ڊولپمينٽ محمد فيصل کوکر آجياڻي تقرير ڪندي چيو ته خيرپور ملڪ جو واحد ضلعو آهي جنهن ۾ هن قسم جي اسڪالرشپ جو سلسلو شروع ڪيو آهي. جڏهن ته اسڪالرشپ حاصل ڪندڙ مختلف ادارن ۾ پڙهندڙن مختلف شاگردن ۽ شاگردياڻين پڻ تقريرون ڪيون ۽ ضلعي حڪومت ۽ خاص طور تي ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه پاران معياري تعليم ۽ اسڪالرشپ جي لاءِ ڪيل ڪاوشن ۽ ڪوششن کي سارهايو. جڏهن ته تقريب جي آخر ۾ ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه، ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ، اي ڊي او ڪميونٽي ڊولپمينٽ محمد فيصل کوکر، پروفيسر ممتاز مغل، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر حفيظ الله شيخ ۽ ٻين پيپلز پارٽي اڳواڻن پاران اسڪالرشپ حاصل ڪندڙ ملڪ جي مختلف ادارن ۾ پڙهندڙ ضلعي جي 777 شاگردن کي 64،76000 روپين جي ماليت جا چيڪ ڏنا ويا.