اسلام آباد

قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران صدر آصف علي زرداري جي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي گڏيل اجلاس کي خطاب

زرداري صاحب پارليامينٽ کي خطاب ڪندو
اسلام آباد (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي گڏيل اجلاس کي خطاب جي موقعي تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن، ان موقعي تي سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا آهن، عام مهمانن ۽ وزيٽرز کي پاسون جاري نه ٿينديون، پارليامينٽ جي داخلي رستن تي رش گهٽ ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ لاجز کان پارليامينٽ هائوس تائين خصوصي شٽل سروس هلائي ويندي، جيڪا ميمبرن کي پارليامينٽ هائوس تائين آڻيندي، جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ترجمان مطابق صدر آصف علي زرداري جي 22 مارچ تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب جي موقعي تي خصوصي انتظام ڪيا ويا آهن، ان موقعي تي سڀني سيڪيورٽي ادارن کي سخت ترين حفاظتي قدم کڻڻ جي هدايت ڏني وئي آهي، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس افتخار محمد چوڌري، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل اشفاق پرويز ڪياني، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ ميان نواز شريف، جماعت اسلامي جي امير سيد منور حسن، پختونخواه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي سميت هٿياربندن فوجن جي سربراهن، آزاد ڪشمير جي صدر، وزيراعظم، گلگت بلتستان جي گورنر ۽ وزيراعلي، چئني صوبن جي گورنرن، وڏن وزيرن، آئيني ادارن جي سربراهن، وفاقي سيڪريٽرين، چئني صوبائي ۽ گلگت بلتستان قانون ساز اسيمبلين جي اسپيڪرن ۽ اسلام آباد ۾ غير ملڪي سفارتڪارن ۽ صحافين کي دعوت ناما جاري ڪيا ويا آهن،

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button