زرعي توسيعي کاتي پاران آبادگارن کي معياري ڪيميائي ڀاڻ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ دڪانن تي اوچتا ڇاپا ھنيا
حيدرآباد : سنڌ جي زرعي توسيعي کاتي پاران آبادگارن کي معياري ڪيميائي ڀاڻ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ دڪانن تي اوچتا ڇاپا هڻي ڀاڻ جا نمونا کڻي ليبارٽرين کي چڪاس لاءِ موڪلڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي _ ان سلسلي ۾ زرعي توسيعي سنڌ لاڙڪاڻي ضلعي پاران محمد ڪامران آرائين فرٽيلائيزر اولڊ اناج منڊي لاڙڪاڻي وٽان پاڪ عرب فرٽيلائيزر لميٽيڊ ملتان جو ڪيلشم امونيم نائٽريٽ 26 سيڪڙو وارو کنيل ڀاڻ جو نمونو ليبارٽري چڪاس کانپوءِ غير معياري ثابت ٿيو آهي ۽ غير معياري ثابت ٿيل ڀاڻ جي ڊيلر خلاف سنڌ فرٽيلائيزر ڪنٽرول ايڪٽ 1994 اينڊ رولز 1999 تحت ڪارروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي جڏهن ته ان ڏس ۾ آبادگارن کي صلاح ڏني وئي آهي ته اهي غير معياري ڀاڻ وڪرو ڪندڙ ڊيلرن جي نشاندهي ڪن ته جيئن اهڙن ڊيلرن خلاف ڪارروائي ڪري معياري ٻج ۽ ڀاڻ جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي _ اڄ هتي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ٻج ۽ ڀاڻ جي ڊيلرن کي چتاءُ ڏنو ويو آهي ته اهي ان ڪڌي ڪاروبار کان پاسو ڪن ۽ آبادگارن کي معياري ٻج ۽ ڀاڻ فراهم ڪن ٻي صورت ۾ سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي