حيدر آباد

26 ڊسمبر 2010 تي تجديد عهد وفا ريلي قائد اعظم مزار ڪراچي کان ڳڙهي خدا بخش لاڙڪاڻو تائين ڪڍي ويندي

حيدرآباد: پاڪستان پيپيلزپارٽي جي ذيلي تنظيم پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن سنڌ جي ڊپٽي اطلاعات سيڪريٽري ڊاڪٽر مير عبدالرزاق تراب چيو آهي ته شهيد محترمه بينظيرڀٽو جي 27 ڊسمبر 2010 تي ٽين ورسي وڏي احترام سان ملهائڻ جي سلسلي ۾ پيپلزيوٿ ۽ ليڊيز ونگ طرفان 26 ڊسمبر 2010 تي تجديد عهد وفا ريلي قائد اعظم مزار ڪراچي کان ڳڙهي خدا بخش لاڙڪاڻو تائين ڪڍي ويندي جنهن ۾ پ پ پ جا هزارين اڳواڻ ۽ ڪارڪنن سنڌ جي ثقافتي لباس ۾ شريڪ ٿي پنهنجي عظيم قائد کي خراج عقيدت پيش ڪندا _ هن اهڙو اظهار اڄ انيڪسي بلڊنگ سرڪٽ هائوس حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو_ ريلي جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر ۽ ڊپٽي اطلاعات سيڪريٽري مير عبدالرزاق تراب وڌيڪ چيو ته ذيلي تنظيمن جي صدر محترمه فريال ٽالپر جي خاص هدايتن تحت عهد وفا ريلي 26 ڊسمبر تي صبح جو 11 وڳي کان پيپلز سيڪريٽري قائد اعظم جي مزار ڪراچي کان پيپلز ليڊيز ونگ جي صدر شگفته جماڻي جي اڳواڻي ۾ ڳڙهي خدا بخش ڏانهن نڪرندي جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي اطلاعات واري صوبائي صلاحڪار شرميلا فاروقي، سپاف جو مرڪزي صدر مير سهراب مري، يوٿ جو صدر عاجز ڌامراهه ۽ ٻيا مرڪزي ۽ ذيلي تنظيمن جا اڳواڻ شرڪت ڪندا جيڪا مختلف شهرن کان ٿيندي 27 ڊسمبر2010 تي ڳڙهي خدا بخش پهچندي _ هن وڌيڪ چيو ته صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ سندس ئي ڏسيل واٽ تي هلندي پارٽي کي متحد ۽ مضبوط رکيو آهي جڏهن ته مخالف، پارٽي جي مقبوليت ۽ صدر آصف علي زرداري جي جرئتمندانه قدمن سبب بوکلائجي ويا آهن تنهنڪري اجائي پرپيگنڊا ڪري رهيا آهن ڪارڪنن اتحاد ۽ ٻڌي جو مثال بڻجندي سياسي اداڪارن ۽ سياسي يتيمن کي رد ڪري ڇڏيو آهي _ هن چيو ته پ پ پ جي موجوده حۡڪومت کي بدامني، دهشتگردي، اقتصادي توڙِي ٻيا ڪيترائي چيلنجز درپيش آهن تنهن هوندي به حڪومت ملڪ جي بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏيڻ، امن امان بحال ڪرائڻ سميت ڪيترائي مثبت قدم کنيا آهن جيڪي حڪومت جي ڪامياب پاليسين جو نتيجو آهن _ هن چيو ته صدر آصف علي زرداري مفاهمت جي پاليسي تي عمل ڪندي سمورين سياسي پارٽِين کي ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ گڏ کڻِي هلڻ جو فيصلو ڪيو جنهن جا پڻ مثبت نتيجا سامهون آيا آهن _ ان موقعي تي سپاف ضلعي حِيدرآباد جو صدر لالارضوان مغل، ڄامشوروجو نائب صدر محمد علي ناريجو ،پ پ پ قاسم آباد جو صدر اقبال سومرو، بشير پالاري، حيدر نواز شيخ ، ظهيرلاشاري، اخترڀرڳڙي ، گلفام پالاري ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ ساڻس گڏ هئا
حيدرآباد انفارميشن

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button