ڪراچي

ڪراچي ۾ اي اين پي اڳواڻ دائود خان حملي ۾ مرڻينگ، ڀاءُ قتل

ڪراچي (نيوز ڊيسڪ) ڪراچي ۾ عوامي نيشنل پارٽي سنڌ جو ميمبر فائرنگ ۾ سخت زخمي، ڀاءُ قتل. تفصيل موجب عوامي نيشنل پارٽي سنڌ ڪائونسل جو ميمبر دائود خان ۽ سندس ڀاءُ عرفان خان آچر تي منجهند جو 12 وڳي پنهنجي رهائشگاه اعظم ڳوٺ گلشن اقبال کان الا آصف اسڪوائر وڃي رهيا هئا ته اڻ ڄاتل هٿياربند ابوالحسن اصفهاني روڊ تي سندن ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ڀائر سخت زخمي ٿي پيا جن کي ويجهو واقع پٽيل اسپتال پهچايو ويو پر عرفان زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو. جڏهن ته دائود خان کي بعد ۾ آغا خان اسپتال نيو ويو جتي سندس آپريشن ڪري جسم مان گوليون ڪڍيون ويون. جنهن جي پڻ حالت خراب ٻڌائي وڃي پئي.ٻئي پاسي اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته شرپسند عنصر ،مخلص ۽ سرگرم ڪارڪنن کي ٽارگيٽ ڪري عوامي نيشنل پارٽي کي ڪمزور نه ٿا ڪري سسگهن.شاهي سيد اي اين پي سنڌ ڪائونسل جي ميمبر دائود خان جي سخت زخي ٿيڻ ۽ سندس ڀاءُ عرفان خان جي شهادت جي سخت مذمت ڪئي ۽ حڪومت کان قاتلن جي بنا دير گرفتاري جو مطالبو ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button