ڪراچي

پاڪستان ۾ لائيو اسٽاڪ شعبو اعليٰ هئڻ باوجود عالمي حلال واپار ۾ ملڪ جو حصو نه هئڻ برابر آهي: فهميده مرزا

ڪراچي(رپورٽ مجيد عباسي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو آهي ته پاڪستان ۾ لائيو اسٽاڪ جو شعبو عمدو ۽ اعلي هئڻ باوجود عالمي حلال واپار ۾ پاڪستان جو حصو نه هئڻ جي برابر آهي. ڪالهه ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان ۽ حلال ڊولپمينٽ ڪائونسل جي گڏيل سهڪار سان ٿيل گلوبل حلال ڪانگريس ۽ ڪائونسل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته پاڪستان ۾ حلال شين کي وڌائڻ جي بي پناهه گنجائش موجود آهي، ان حوالي سان ٽي ڊي اي پي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي هن ڪانگريس سان حلال فوڊ جي واپار ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ ۾ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيندي. انهي موقعي تي ٽي ڊي اي پي جي چيف ايگزيڪٽو طارق اقبال پوري چيو ته حلال فوڊ جي واپار بابت جلد بل پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. دنيا ۾ حلال فوڊ جي مارڪيٽ جو حجم 2 ٽريلين ڊالر آهي. تقريب کي سنڌ اسميبلي جي اسپيڪر نثار احمد کهڙو ۽ ٻين به خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button