حيدر آباد

پاڪستان جي مسئلن جي معاشي مسئلن جي ذميدار آمريت آھي: صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر

حيدرآباد روينيو واري صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو آهي ته پاڪستان ۾ معاشي بدحالي، طالبانائيزيشن، دهشتگردي، توانائي جي کوٽ ۽ ٻيون ڪيتريون برايون ماضي ۾ اقتدار تي قابض آمرن جون پيدا ڪيل آهن پر پاڪستان پيپلزپارٽي اقتدار ۾ اچڻ شرط اهڙن سمورن چيلينجن کي ڪاميابي سان منهن ڏيندي ملڪ ۾ معاشي استحڪام آڻي ملڪ کي هڪ دفعو ٻيهر ترقي جي راهه تي هموار ڪيو آهي _ هن اهڙو اظهار اڄ شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾ آل سنڌ روينيو ايمپلائيزاسيوسيئيشن طرفان رٽائرڊ ملازمن کي سندن بهتر ڪارڪردگي تي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ڪوٺايل هڪ تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو_ صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجي عظيم قائد شهيد محترمه بينظيرڀٽو جي مفاهمتي پاليسي تي عمل ڪندي ملڪ جي سمورين ڌرين کي گڏ کڻي هلڻ چاهيو،پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ڪجهه اتحادين ملڪي مفادن کان وڌيڪ ذاتي مفادن کي اهميت ڏيندي اتحاد ۾ نه رهڻ جوفيصلو ڪيو_ صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پيڙهيل ۽ هيٺين طبقي جي حقن جي تحفظ ۽ خوشحالي لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي جو بنياد وڌوجنهن سدائين ڏکين حالتن ۾ اقتدار ۾ رهي پنهنجي جدوجهد کي جاري رکي ڪنهن به آمر يا ڏاڍ جي اڳيان پنهنجا گوڏا نه کوڙيا_ هن وڌيڪ چيو ته اهو ئي سبب آهي جو اڄ پ پ پ عوام جي دلين ۾ آباد آهي ۽ ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ مقبول ۽ وڏي سياسي پارٽي آهي_صوبائي وزير روينيو ملازمن جي مسئلن جو حوالو ڏيندي اعلان ڪيو ته هو هفتي جا 2 ڏينهن روينيو ڊائريڪٽوريٽ حيدرآباد ۾ ڪيمپ آفيس قائم ڪري غريب عوام ۽ ملازمن جا مسئلا پاڻ ٻڌندو_ تنهن هوندي به هن ملازمن جي مطالبن تي غور ويچار لاءِ پنهنجي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙڻ جو به اعلان ڪيو _ هن ملازمن کي خاطري ڪرائي ته سندن مطالبا اوليت جي بنياد تي حل ڪيا ويندا _ ان کان اڳ سنڌ روينيو ايمپلائيزيونين جي سينيئر صدر سيد سردار علي شاهه تقريب ۾ سپاسنامو پيش ڪندي مطالبو ڪيو ته سنڌ حۡڪومت روينيو کاتي طرفان سالياني اوڳاڙي جو 10 سيڪڙو ملازمن کي بونس طور ڏئي جڏهن ته حيدرآباد روينيو ڊائريڪٽوريٽ ۾ 18 ۽ 19 گريڊ جا عهدا رکيا وڃن، ملازم ۽ فوتي ڪوٽا بحال ڪرڻ، ملازمن کي مفت طبي ۽ ٽرانسپورٽ جون سهولتون ڏيڻ تپيدارن کي اپ گريڊ ڪرڻ، ملازمن کي آسان قسطن تي موٽر سائيڪلون فراهم ڪرڻ، ڪچن ملازمن کي مستقل ڪرڻ ،رٽائرڊ ملازم کي 50 ايڪڙ سرڪاري زمين ڏيڻ، ملازمن کي وقت سر ترقيون ڏيڻ، سڄي صوبي ۾ رهائشي ڪالونيون ٺاهڻ ۽ ٻيا مطالبا پڻ ڪيا ويا جنهن تي صوبائي وزير ملازمن کي خاطري ڪرائي ته هو سندن طرفان پيش مطالبن تي غور ڪرڻ جي لاءِ جلد ساڻن هڪ گڏجاڻي پڻ ڪندو_ تقريب کي روينيو واري صوبائي سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري، اي ڊي او روينيو سيد برڪات احمد رضوي، ميمبر جوڊيشل محمد قاسم لاشاري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو _ بعد ۾ صوبائي وزير سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو حيدرآباد جي آفيس جو دورو پڻ ڪيو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button